حڪومت 5 لک ٽن کنڊ گهرائڻ ڪرڻ جو فيصلو

جُون 20, 2025

اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) خوراڪ جي تحفظ واري وزارت جو چوڻ آهي ته کنڊ درآمد ڪرڻ جو فيصلو اگهن کي ضابطي ۾ آڻن ۽ عوام کي سهولت ڏيڻ لاءِ ڪيو ويو آهي.

کنڊ جي قيمتن ۾ توازن ۽ عوامي رليف کي ذهن ۾ رکندي، حڪومت 500,000 ٽن کنڊ درآمد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان حوالي سان فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت پاران هڪ سرڪاري اعلان جاري ڪيو ويو آهي.

اعلان موجب کنڊ درآمد ڪرڻ جو فيصلو ڊي ريگيوليشن پاليسي تحت ڪيو ويو آهي، جنهن تحت زرعي شين جي درآمد، برآمد ۽ اگهه مارڪيٽ جي قوت مطابق طئي ڪئي ويندو آهي.

خوراڪ جي تحفظ واري وزارت واضح ڪيو آهي ته گذريل سيزن ۾ کنڊ جي وافر ذخيرن جي ڪري برآمد ڪئي وئي هئي ۽ موجوده درآمد جو فيصلو قيمت جي استحڪام ۽ مارڪيٽ ۾ دستيابي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪيو ويو آهي.

لاڳاپيل پوسٽون

  • ايم ڪيو ايم باني الطاف حسين سخت بيمار، لنڊن جي اسپتال ۾ داخل

  • پريالوءِ ڀرسان اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾نوجوان قتل

  • جهڏو: لاڪ اپ مان فرار جوابدار ڪراچي مان گرفتار

  • نيب جوڪنڌڪوٽ ۾ڇاپو، خوراڪ کاتي جي عملدارن کان جاچ