| خاران تي دهشتگرد حملو، بينڪن مان ڦر، 12 خارجي مارجي ويا |
ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان جي ضلعي خاران ۾ دهشتگرد پاران بينڪن ۾ ڦرلٽ ڪرڻ بعد سيڪيورٽي فورسز جي بروقت ڪارروائي ۾ 12 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب خاران ۾ 15 کان 20 هندستاني حمايت يافته دهشتگردن دهشتگردي جون ڪارروايون ڪيون. فتنہ الھندستان دهشتگردن سٽي پوليس اسٽيشن ۽ 2 بينڪن کي نشانو بڻايو. آپريشن دوران دهشتگردن بينڪن مان 3.4 ملين رپيا ڦريا. سيڪيورٽي فورسز فوري طور تي جواب ڏنو ۽ دهشتگردن کي پوئتي هٽڻ تي مجبور ڪيو. آءِ ايس پي آر چيو ته ڪليئرنس آپريشن دوران 3 مختلف جھڙپن ۾ 12 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب پوليس اسٽيشن ۾ يرغمال بڻائڻ جي دهشتگردن جي ڪوشش کي ناڪام بڻايو ويو.