| خارجي دهشتگردن جي قبضي مان آمريڪا ۽ يورپ جا هٿيار هٿ |
راولپنڊي(م ڊ) سيڪيورٽي فورسز خيبرپختونخوا ۾ آپريشن دوران فتنه الخوارج کان آمريڪي هٿيارن جو وڏو ذخيرو هٿ ڪيو آهي. سيڪيورٽي ذريعن چيو ته قبضي ۾ ورتل هٿيارن تي واضح نشان آهن ته اهي آمريڪي حڪومت جي ملڪيت آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته اهي هٿيار ۽ سامان اهي ئي آهن، جيڪي آمريڪي فوج ۽ نيٽو فورسز افغانستان مان پنهنجي واپسي دوران ڇڏيا هئا، جيڪي بعد ۾ پاڪستان خلاف ڪارروائين ۾ دهشتگرد گروپن پاران استعمال ڪيا پيا وڃن. سيڪيورٽي ذريعن موجب، هٿ ڪيل هٿيارن ۾ جديد خودڪار هٿيار شامل آهن جن ۾ M4، M16 ۽ اسٽيل هيڊ گوليون شامل آهن، جيڪي بلٽ پروف جيڪٽن مان به گذري سگهن ٿيون. نائيٽ ويزن چشما ۽ ٻيا جديد سامان، گڏوگڏ آمريڪي فوج ۽ نيٽو پاران استعمال ٿيندڙ اعليٰ معيار جا ڌماڪيدار مواد ۽ تارون به فتنه الخوارج کان هٿ ڪيون ويون آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته جديد آمريڪي هٿيارن جي استعمال سان، فتنه الخوارج رات جو به حملو ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا، جنهن ڪري خطرا وڌي ويا آهن.