خارگ ٻيٽ تي حملو ٿيو ته تيل ذخيرن تي حملا ڪنداسين: ايران

خارگ ٻيٽ تي حملو ٿيو ته تيل ذخيرن تي حملا ڪنداسين: ايران

تهران: ايراني پارليامينٽ جي توانائي ڪميشن جي ترجمان چيو آهي ته ايران جي تيل جي پيداوار ۽ برآمد بنا ڪنهن رنڊڪ جي جاري آهي ۽ خارگ ٻيٽ تي روزمره جون سرگرميون معمول موجب جاري آهن. ترجمان موجب، خارگ ٻيٽ تي ڪو به حملو دشمن لاءِ وڏي شرمساريءَ جو ڪارڻ بڻبو، جيڪا آبناءِ هرمز بابت پيدا ٿيل صورتحال کان به وڌيڪ هوندي. ايراني فوج جي ترجمان بريگيڊيئر جنرل ابوالفضل شڪارچي چيو آهي ته جنهن به ملڪ مان خارگ ٻيٽ تي حملو ٿيو ان جي تيل ٿاڪن تي جوابي حملا ڪنداسين