| خاص عدالتن ۾ ججن جي مقرري ۾ دير ڇو؟ هاءِ ڪورٽ ناراض |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس دهشتگردي ٽوڙ عدالتن ۾ ججن جي مقرري بابت ليٽر ۾ دير ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي گهرو سيڪريٽري ۽ اي ٽي سي جي رجسٽرار کان وضاحت طلب ڪري ورتي، چيف جسٽس چيو ته گهرو سيڪريٽري ۽ اي ٽي سي جي رجسٽرار کان دير جا سبب طلب ڪيا وڃن؟ چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته خاص عدالتن لاءِ نامزد ڪيل 3 وڪيلن جا مڪمل ڪاغذ ۽ رپورٽ ٿيل ڪيسن جي فهرست فراهم ڪئي وڃي.