| خالده ضيا جو لاڏاڻو: بي پي ايل جون ميچون ملتوي |
ڍاڪا (اسپورٽس نيوز) بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم خالده ضياءَ جي لاڏاڻي جي سوڳ ۾ بنگلاديش پريميئر ليگ (بي پي ايل) جون شيڊيول ميچون ملتوي ڪيون ويون. بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جو چوڻ آهي ته ميچن جي نئين شيڊيول جو اعلان جلد ڪيو ويندو. واضح رهي ته خالده ضياءَءَ ڊگهو عرصو بيمار رهڻ بعد 80 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري وئي.