“خالده چانڊيو شهيد قرار”  ٽنڊومستي ۾ ناري جي قبر آڏو جنازي نماز ادا، عدالتي جاچ جو مطالبو

“خالده چانڊيو شهيد قرار”  ٽنڊومستي ۾ ناري جي قبر آڏو جنازي نماز ادا، عدالتي جاچ جو مطالبو

ٽنڊومستي(رپورٽ: رزاق مري) ٽنڊو مستي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ٻُٽو چانڊيو ۾ ڪارنهن الزام هيٺ هجوم سامهون گوليون هڻي قتل ڪيل  خالده عرف روبينا چانڊيو جي قبر تي  عورت اڳواڻ امر سنڌو جي اڳواڻي ۾ وومين ايڪشن فورم حيدرآباد جو وفد پهتو، وفد ۾  ڊاڪٽر عرفانه ملاح، حسين مسرت، غفرانه آرائين، شھناز شيخ، راڌا ڀيل، ڪرشنا ڪولھي ٻيا شامل هئا، اڳواڻن طرفان روبينا خالده چانڊيو کي شهيد قرار ڏيندي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، روبينا چانڊيو جي قبر مٿان اجرڪ، پوتيون رکي، گل نڇاور ڪيا ويا، جنازي نماز علامه اياز احمد قمي ادا ڪرائي، جنهن ۾ مختلف تنظيمن سميت سياسي سماجي اڳواڻن، صحافين ۽ شهرين شرڪت ڪئي. اڳواڻن طرفان مقتولا ناري جي گهر پهچي سندس ماءُ سان تعزيت ڪئي وئي،  اِن موقعي تي عورت اڳواڻن چيو ته صوفين جي سرزمين سنڌ ۾ ڪارنهن الزام هيٺ نياڻين کي سرعام هجوم سامهون قتل ڪيو وڃي ٿو، هنن مطالبو ڪيو ته خالده چانڊيو واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي، ڪاروڪاري جو نظام ختم ڪيو وڃي، ڪارو ڪاري جي آڙ ۾ نياڻين جو قتل عام بند ڪيو وڃي، پسند جي شادي خلاف جرڳن کي روڪيو وڃي،  هنن مطالبو ڪيو ته واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائي لڪيل جوابدارن کي بي نقاب ڪيو وڃي، روبينا چانڊيو معاملي جو جرڳو ڪرائيندڙ ۽ جرڳي ۾ شرڪت ڪندڙن خلاف به ڪارروائي ڪئي وڃي،  اڳواڻن وڌيڪ چيو ته انساني حقن جي تنظيمن جي خاموشي، قانون تي عمل نه ٿيڻ سبب ڪارنهن جا جرڳا، قتل ۽ زيادتي جا واقعا ٿي رهيا آهن، ٻي طرف سماجي اڳواڻ شائسته کوسو، ستار زنگيجو، ناھيد اختر، ستار ھليو، ثمينا ابڙو، شھناز شيخ، صنم منگي، مقصوده ڀٽي، خليل احمد شاهه، حسن پٺاڻ سميت سياسي سماجي اڳواڻن جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي، بعد ۾ تڏي تي پهچي وارثن سان تعزيت ڪئي وئي.