خامنه اي جو جهاز تباهه، ياهو جي آفيس تي وري حملو، برطانيا، جاپان، جرمني، اٽلي جو فوج هرمز اماڻڻ کان ٽرمپ کي انڪار

خامنه اي جو جهاز تباهه، ياهو جي آفيس تي وري حملو، برطانيا، جاپان، جرمني، اٽلي جو فوج هرمز اماڻڻ کان ٽرمپ کي انڪار

دوحا (م ڊ) آمريڪا جي پراڻي اتحادي برطانيا، جرمني، اٽلي، آسٽريليا، جاپان، ڏکڻ ڪوريا هرمز کاڙي جي حفاظت لاءِ پنهنجون فوجون ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. چين آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي مطالبي تي پنھنجي فوج ھرمز کاڙي جي حفاظت لاءِ نھ اماڻڻ جو اشارو ڏنو آھي جڏھن تھ ايران مان چين کي ھرمز رستي تيل جي فراھمي بھ جاري آھي. آمريڪي صدر ھرمز لاءِ فوج اماڻڻ لاءِ دٻاءُ طور چين جو دورو ملتوي ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آھي ۽ ست ملڪن سان رابطو ڪري چيو آهي ته مدد نه ڪندئو ته پوءِ ياد رکجو.  مليل اطلاعن موجب آمريڪي صدر پاران هرمز کاڙي ۾ جهازن جي محفوظ اچ وڃ لاءِ دنيا جي ملڪن کي فوج ڏيڻ جي اپيل ڪئي هئي جنهن جي جواب ۾ اٽلي ھرمز کاڙي ۾ آمريڪا جي مطالبي تي فوج مقرر ڪرڻ کان انڪار ڪندي ڳالھيون ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آھي. اٽلي جي پرڏيهي وزير اينٽونيو تاجاني جو چوڻ آهي ته سفارتڪاري هرمز کاڙي جي بحران کي حل ڪرڻ جو صحيح طريقو آهي ۽ اٽلي فوجي مشن ۾ شامل نھ آھي ۽ ان کي وڌائڻ جي بھ حق ۾ نھ آھي. ھن چيو تھ جيستائين هرمز جو تعلق آهي، مان سمجهان ٿو ته سفارتڪاري جي ضرورت آهي اٽلي ڳاڙهي سمنڊ ۾ دفاعي بحري مشنن ۾ شامل آهي پر هرمز ۾ شامل نھ ٿيندو. جپان ۽ آسٽريليا هرمز جي سيڪيورٽي لاءِ پنهنجا سامونڊي جنگي جهاز موڪلڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. آسٽريليا جي وزير ٽرانسپورٽ ڪيٿرين ڪنگ چيو آهي ته سندن ملڪ هرمز ۾ جنگي جهاز موڪلڻ جو ارادو نٿو رکي. جپان جي بچاءِ واري وزير شنجيرو ڪوئيزومي پارليامينٽ کي ٻڌايو آهي ته ايران جي موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي جپان ميري ٽائم سيڪيورٽي آپريشن شروع ڪرڻ جو ڪو ارادو نٿو رکي. جڏهن ته برطانيا به هرمز کاڙي لاءِ سامونڊي جنگي جهاز موڪلڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. برطانوي اخبار موجب برطانيا به هرمز کاڙي لاءِ بحري جنگي جهاز موڪلڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر ٽرمپ کي نو چئي ڇڏيو آهي. اخبار موجب، برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر هرمز کاڙي کولڻ لاءِ ٽرمپ جي مدد واري اپيل رد ڪندي چيو آهي ته برطانيا ان لاءِ تيار ناهي. جڏهن ته جرمني ۽ يونان به فوج نه اماڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ٻئي طرف الجزيرھ جي رپورٽ موجب ٽرمپ چين سميت دنيا جي ملڪن کان ھرمز جي رستي جي حفاظت لاءِ فوج فراھم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آھي پر چين جنگ جي شروعات کان وٺي حملن جو وڏو نقاد رهيو آهي. تڪرار گهٽائڻ ۽ ڳالهين ڏانهن واپسي جو مطالبو ڪندو رهيو آهي. تنهن ڪري اهو تصور ڪرڻ تمام ڏکيو آهي ته بيجنگ هرمز ڏانهن جنگي جهاز موڪليندو جڏهن چيني پرڏيهي وزير وانگ يي چئي چڪو آهي ته طاقت جواب جو حصو ناهي. ٻئي طرف رپورٽون آھن تھ چيني جهاز هرمز مان گذري رھيا آھن تيل جي فراھمي بھ جاري آھي چين ايراني تيل جو سڀ کان وڏو خريدار آهي. ٻئي طرف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ فنانشل ٽائمز کي انٽرويو ۾ چيو ته هن مهيني جي آخر ۾ چين ۾ صدر شي جن پنگ سان اجلاس ملتوي ٿي سگهي ٿو. منھنجي خيال ۾ بيجنگ کي هرمز ٻيهر کولڻ ۾ مدد ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته ھن جو 90 سيڪڙو تيل ھن رستي کان ويندو آھي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هرمز کاڙي جي سيڪيورٽي لاءِ اٽڪل ست ملڪن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي آهي. چين سميت ڪيئي ملڪن کان پڇيو ويو آهي ته ڇا هو هرمز کاڙي کي محفوظ بڻائڻ ۾ مدد ڪندا. جيڪڏهن ڪجهه ملڪ مدد نه ڪندا ته آمريڪا اهو ياد رکندو. هن چيو ته ڪجهه ملڪن وٽ اهڙا وسيلا آهن جيڪي هن مهم ۾ مددگار ٿي سگهن ٿا، جڏهن ته چين به هن اهم واپاري لنگهه تي گهڻو ڀاڙي ٿو. ٽرمپ اِهو نه چيو ته چين کانسواءِ سندس ڪهڙن ملڪن ان معاملي تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، پر سندس چوڻ هو ته نيٽو ۽ ٻيا ملڪ جيڪي ان علائقي ذريعي پنهنجي توانائي جي گهرجون پوريون ڪن ٿا، انهن کي به پنهنجي، پنهنجي سرزمين جو دفاع ڪرڻ جي ضرورت آهي. ٽرمپ چيو ته هرمز کاڙي بابت 7 ملڪن سان رابطي ۾ آهيون ۽ انهن کان هرمز کاڙي جي حفاظت ۾ مدد جو مطالبو ڪيو آهي، جڏهن ته اسرائيل به هرمز کاڙي کي محفوظ بڻائڻ لاءِ آمريڪا سان گڏ ڪم ڪري رهيو آهي. برطانوي اخبار موجب ٽرمپ خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن نيٽو هرمز کاڙي کولڻ ۾ مدد نه ڪئي ته نيٽو جو مستقبل تمام خراب ٿيندو.
 

تهران/تل ابيب/رياض/دبئي (م ڊ) ايران ۽ آمريڪا ۽ اسرائيل جي جنگ جي سترهين ڏينهن به حملا ڪيا ويا. اسرائيل علي خامنه اي جي استعمال هيٺ جهاز تباهه ڪري ڇڏيو. ايران ۾ هڪ ٻيو اسڪول تباهه ڪيو ويو آهي جڏهن ايران اسرائيلي وزيراعظم جي رهائشگاهه ۽ پارليامينٽ جي عمارت کي نشانو بڻايو. سعودي عرب، عرب امارات ۽ ٻين ملڪن ۾ به ايران جا حملا جاري رهيا. اسرائيل لبنان ۾ به وڌيڪ سوين ماڻهو شهيد ڪري ڇڏيا. مليل اطلاعن موجب جنگ جي 17هين ڏينهن ايران تي حملا ڪيا ويا. اسرائيل تھران جي مھرآباد ايئرپورٽ تي حملو ڪري شھيد علي خامنھ جي استعمال ھيٺ جھاز کي تباھھ ڪري ڇڏيو. آمريڪي ۽ اسرائيلي جهازن ايران جي شهر اصفهان ۽ شيراز کي ميزائلن ۽ بمن سان نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ 15 ماڻهو شهيد ٿي ويا آهن، رپورٽ موجب آمريڪي ۽ اسرائيلي ميزائل حملن سبب ايران جي خلائي ريسرچ مرڪز کي به نقصان پهچڻ جا اطلاع آهن. ايران جي مرڪزي صوبي ۾ آمريڪي ۽ اسرائيلي فوجن جي حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 5 ماڻهو شھيد ۽ 7 زخمي ٿيا. پهرئين حملي ۾، ارڪ شهر جي رهائشي علائقي کي نشانو بڻايو ويو جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 4 ماڻهو شھيد ٿيا. ٻئي حملي ۾ شهر محلات ۾ هڪ رهائشي عمارت کي نشانو بڻايو ويو، جنهن ۾ هڪ شخص شھيد ۽ 7 زخمي ٿيا. فارس نيوز ايجنسي رپورٽ ڪئي آهي ته تھران جي شهيد خميني بوائز اسڪول تي آمريڪا ۽ اسرائيل حملو ڪنھن جنھن ۾ اسڪول جي عمارت ۽ ڪيترائي گھر تباھھ ٿي ويا. آمريڪي جيٽ جهازن چابهار فري ٽريڊ زون جي ويجهو هڪ جبل تي فوجي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو. ابتدائي جاچ مان ظاهر ٿئي ٿو ته اسڪول کي آمريڪي ميزائل سان نشانو بڻايو ويو هجي، جيتوڻيڪ صحيح حالتن جي جاچ جاري آهي. ايران جي مهر نيوز ايجنسي رپورٽ ڪيو آھي تھ تهران صوبي ۾ ھيستائين جي جنگ ۾ 503 ماڻهو شھيد ٿي چڪا آھن جڏھن تھ 5,700 ماڻهو زخمي آهن. ٻئي پاسي 28 فيبروري کان هينئر تائين ايران تي ٿيل حملن ۾ شهيدن جو انگ 1400 کان وڌي ويو آهي. ايران ايران والاريل القدس ۾ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جي آفيس ۽ پارليامينٽ جي عمارت جي ويجهو ميزائل حملا ڪيا.  ايران عرب امارات تي مختلف علائقن ۾ ڊرون ۽ ميزائل حملا ڪيا دبئي ايئرپورٽ تي ڊرون حملو ڪيو ويو جنھن کان پوءِ دبئي ايئرپورٽ ويجهو ۽ فجيره صنعتي علائقي ۾ باهه لڳي وئي. امارات ايئر لائن حملن بعد اڏامون گھٽائڻ جو اعلان ڪيو آھي. ابو ظهبي جي البهيان علائقي ۾ هڪ شهري گاڏي تي ميزائل ڪريو جنھن ۾ گاڏي تباھھ ٿي وئي ۽ فلسطيني شھري شھيد ٿيو. يو اي اي جي دفاع واري وزارت جو چوڻ آهي ته ھڪ ڏينھن ۾ 6 بيلسٽڪ ميزائلن ۽ 21 ڊرونز کي تباھھ ڪيو ويو. دبئي ميڊيا آفيس موجب دبئي ايئرپورٽ جي ويجهو ڊرون حملي سبب باهه لڳي وئي جنهن کي وسايو ويو. دبئي اختيارين جو چوڻ آهي ته ايئرپورٽ تي ڊرون حملي دوران تيل واري ٽانڪي کي نشانو بڻايو ويو جڏهن ته واقعي ۾ ڪو به ماڻهو زخمي ناهي ٿيو.دبئي سول ايويئيشن اٿارٽي احتياطي اپاءَ طور دبئي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان عارضي طور اُڏامون معطل ڪري ڇڏيون ۽ مسافرن کي لاڳاپيل ايئر لائنز سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. بعد ۾ اڏامون بحال ڪيون ويون. عراق جي راڄڌاني بغداد ۾ واقع آمريڪا جي سفارتخاني تي ٻھ ڊرون حملا ڪيا ويا بغداد جي ايئرپورٽ ڪمپليڪس کي راڪيٽن ۽ ڊرون سان نشانو بڻايو ويو. سيڪيورٽي ذريعن الجزيرا کي ٻڌايو ته بغداد انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي ويجهو قائم هڪ لاجسٽڪ سپورٽ ڪئمپ تي ڊرون حملو ڪيو ويو. ساڳئي علائقي کي 5 راڪيٽن سان پڻ نشانو بڻايو ويو سعودي عرب جي بچاءَ واري وزارت دعويٰ ڪئي آهي ته ملڪ جي ايئر ڊفينس سسٽم 60 کان وڌيڪ ڊرونز کي روڪيو. سمورا ڊرون ملڪ جي اوڀر وارن علائقن ۾ روڪيا ويا. سعودي عرب جي وزارت دفاع جو چوڻ آهي ته رياض ۽ اوڀر واري علائقي ۾ ٽن ڊرون کي روڪيو ۽ تباهه ڪيو ويو. ايران جي خاتم الانبياء سينٽرل هيڊ ڪوارٽر جي ترجمان ابراهيم ذولفقاري جو چوڻ آهي ته آمريڪي هوائي جهاز ڪيريئر يو ايس ايس جيرالڊ آر فورڊ جي ڳاڙهي سمنڊ ۾ موجودگي ايران لاءِ خطرو آهي.ان جو مطلب آهي ته ڳاڙهي سمنڊ ۾ ھن سامونڊي ٻيڙي جي مدد ڪندڙ، لاجسٽڪ ۽ سپورٽ سينٽر ايران جي هٿياربند فوجن جا هدف آھن. اسرائيل لبنان تي به حملا ڪيا.  اسرائيلي هوائي فوج ڏکڻ لبنان جي شهر خيام تي حملو ڪيو. قنطارا، سوانا، برج قالويا، سلطانيه، شقرا ۽ يطير شهرن کي نشانو بڻايو ويو. اسرائيلي فوج جي 91 هين برگيڊ ڏکڻ لبنان ۾ داخل ٿي زميني ڪارروائي ڪئي ۽ علائقي تي قبضو ڪري ورتو. فوج چيو ته آپريشن جو مقصد حزب الله جي انفراسٽرڪچر کي تباهه ڪرڻ ۽ خطرن کي ختم ڪرڻ ۽ لبنان جي سرحد جي ويجهو رهندڙ اسرائيلي رهواسين لاءِ اضافي سيڪيورٽي ديوار  قائم ڪرڻ آھي. لبنان جي صحت واري وزارت جي مطابق، 28 فيبروري کان ملڪ تي اسرائيل جي حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 850 ماڻهو مارجي ويا آهن، جن ۾ 66 عورتون، 107 ٻار ۽ 32 صحت کاتي جا ڪارڪن شامل آهن. حملن ۾ 2,105 زخمي ٿيا آهن، جڏهن ته 800,000 کان وڌيڪ بي گهر ٿيا آهن.