تهران (م ڊ) شهيد آيت الله خامنه اي جي آخري رسمن دوران لکين سوڳوارن پاران ٽرمپ ۽ آمريڪا کان بدلو وٺڻ جي نعرن جو پڙاڏو ايراني حڪومت تائين پهچي ويو، جنهن تي پرڏيهي وزارت هڪ خصوصي بيان جاري ڪيو آهي. پرڏيهي وزارت پاران جاري ڪيل بيان ۾ ان عزم جو اظهار ڪيو ويو آهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل خلاف ايران هر صورت ۾ قانوني، سفارتي ۽ سياسي محاذ تي انصاف حاصل ڪرڻ جي ڪوشش جاري رکندو ۽ هي معاملو ايراني قوم جي مستقل قومي ترجيح رهندو. ايراني پرڏيهي وزارت جي بيان ۾ عوام کي يقين ڏياريو ويو آهي ته شهيد آيت الله علي خامنه اي جي قتل جي ذميوارن کي جوابده بڻائڻ لاءِ سمورا ممڪن عالمي ذريعا استعمال ڪيا ويندا. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اڳوڻي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي جي آخري رسمن ۾ خطي ۽ سڄي دنيا مان اعليٰ سطحي سرڪاري ۽ مذهبي وفدن جي شرڪت سندن عالمي حيثيت، اثر رسوخ ۽ ايراني عوام سان يڪجهتي جو واضح ثبوت آهي. ايران هڪ ڀيرو ٻيهر موقف اختيار ڪيو ته آيت الله علي خامنه اي ۽ سندن گهرواري/اهلڪارن جي شهادت آمريڪا ۽ اسرائيل جي گڏيل ڪارروائي جو نتيجو هئي، جيڪا عالمي قانونن جي سنگين ڀڃڪڙي آهي. ايران جي پرڏيهي وزارت پنهنجي بيان ۾ واضح ڪيو ته ايران ان معاملي کي سمورن ضروري عالمي فورمن تي اٿاريندو رهندو ۽ ذميوار عنصرن جي خلاف قانوني ڪارروائي جي امڪانن تي پڻ ڪم جاري آهي. پرڏيهي وزارت جي بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته 100 کان وڌيڪ ملڪن جي نمائندن جي موجودگي ايران لاءِ عالمي سطح تي حمايت ۽ احترام جي علامت آهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته تهران ۾ لکن جي تعداد ۾ ماڻهو شهيد آيت الله خامنه اي کي الوداع چوڻ لاءِ گڏ ٿيا، جيڪو ان ڳالهه جي عڪاسي ڪري ٿو ته ايراني عوام پنهنجي اڳوڻي سپريم ليڊر سان گهري وابستگي رکي ٿو.