| خاموش نٿا ويهي سگهون: قطر جو ايران تي حملن کان انڪار |
جنيوا (م ڊ) قطر جاري جنگ دوران ايران تي حملن ۾ شموليت کان انڪار ڪري ڇڏيو آھي. گڏيل قومن ۾ قطري نمائندي هند بنت عبدالرحمان المفتاح چيو تھ اهڙي رياست تي حملو ڪرڻ جيڪو تڪرار ۾ شامل نه آهي ۽ جنهن پنهنجي علائقي کي جنگ ۾ استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني آهي، بين الاقوامي قانون جي خلاف ورزي آهي ان سان بين الاقوامي امن ۽ سلامتي کي نقصان پهچي ٿو. ھن چيو تھ اسان شروعات کان ئي هن جنگ کان پاڻ کي الڳ رکيو آهي ۽ اسان جنگ کي وڌائڻ ۽ ان جو حصو بڻجڻ کان انڪار ڪيو آهي. تنهن هوندي به، ايراني اسان کي ۽ ٻين پاڙيسري ملڪن کي نشانو بڻائي رهيا آهن. ايراني حملن قطر جي علائقائي سالميت کي نقصان پهچايو آهي ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي خلاف ورزي ڪئي آهي. اهي حملا اسان لاءِ وڏي پريشاني آهن، ۽ اسان هاڻي خاموش نه ٿا رهي سگهون. هرمز کاڙيءَ جي ڊي فيڪٽو بندش سان وڏي پريشاني آهي، ان جا معيشت ۽ سپلاءِ رستن تي خراب اثر پئجي رھيا آھن.