شڪارپور / خانپور ( نمائندن وٽان) خانپور جي ڪچي واري علائقي ۾ جتوئي برادري ۾ ڪارنهن تڪرار شدت اختيار ڪري ورتي، ڌرين جي هڪٻئي مٿان فائرنگ ۾ ٻن عورتن سميت 6 ڄڻا قتل ٿي ويا، پوليس جي روايتي سستي سبب علائقي ۾ صورتحال انتهائي خراب بڻيل
رستم ٿاڻي جي حد ڳوٺ چمن سکپور ۾ موجو دوداڻي جتوئي ۽ رتو دوداڻي جتوئي ڌرين ۾ ڪارنھن تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو، فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻنهي ڌرين جا 6 ڄڻا مارجي ويا آهن
ٻڌايو پيو وڃي ته صبح سان سوير هٿياربندن فائرنگ ڪري بخش علي کي قتل ڪيو جنهن بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي ۽ ڌرين هڪٻئي تي حملا شروع ڪري ڏنا جنهن جي نتيجي ۾ هڪ گهر جا 5 ڀاتي رتو دوداڻي جتوئي، سوڍو دوداڻي جتوئي، ارشاد دوداڻي جتوئي مسمات سردار خاتون ۽ عزت خاتون مارجي ويا
ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته پوليس روايتي سستي جو مظاهرو ڪيو جنهن سبب وڌيڪ رتو ڇاڻ ٿي جيڪڏهن وقت سر ڪارروائي ڪئي وڃي ها ته شايد ايترو جاني نقصان نه ٿئي ها
پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته مارجي ويلن جا لاش اسپتال اماڻيا ويا آهن هن وقت صورتحال ضابطي ۾ آهي