شڪارپور (رپورٽر) شڪارپور پوليس ڏيڍ مهينو اڳ لاڙڪاڻي مان اغوا ٿيل مغوي عمران بروهي کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي
پوليس موجب ته ايس ايس پي شڪارپور خالد مصطفيٰ ڪورائي جي اڳواڻي ۾ خانپور ڪچي جي علائقي ۾ ڏوهارين خلاف ٽارگيٽيڊ آپريشن جاري آهي
ڪچي واري علائقي ۾ پوليس جي دٻاءُ ۽ ٽارگيٽيڊ آپريشن سبب ڏوهاري يرغمالي کي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ منتقل ڪري رهيا هئا ته ڪوٽ شاهو جي ڪچي ڏڪ بند ويجهو پوليس رستن تي ناڪابندي ڪري ڇڏي، پوليس جي وڏي نفري ڏسي ڌاڙيل عمران علي ولد خدا بخش بروهي کي ڇڏي فرار ٿي ويا
رابطو ڪرڻ ايس ايس پي شڪارپور خالد مصطفيٰ ڪورائي ٻڌايو ته ڏيڍ مهينو اڳ لاڙڪاڻي جي نظر محلا جي رهواسي عمران پٽ خدا بخش بروهي کي سندس دوست دوکي سان ڪشمور مان اغوا ڪرايو هو، جنهن کي بازياب ڪرايو ويو آهي ۽ ڌاڙيلن جي گرفتاري لاءِ علائقي ۾ سرچ آپريشن ڪيو پيو وڃي
هن چيو ته شڪارپور ۾ ڏوهارين کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، هوڏانهن مغوي جي وارثن ايس ايس پي شڪارپور خالد مصطفيٰ ڪورائي جو شڪريو ادا ڪيو