| خانپور حملي جي جوابدار جي موت واري سزا عمر قيد ۾ تبديل |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ سنڌ جي خانپور واري علائقي ۾ دهشتگرد حملي ۾ ملوث جوابدار جي موت جي سزا عمر قيد ۾ تبديل ڪري ڇڏي. جسٽس هاشم ڪاڪڙ ريمارڪس ڏيندي چيو ته خودڪش حملي لاءِ عيد جو ڏينهن ئي ڇو، ڪنهن ٻئي ڏينهن به ته ڪري سگهن ٿا.جسٽس هاشم ڪاڪڙ جي سربراهيءَ ۾ ٽه رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. جوابدار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته واقعو صبح سوا اٺين وڳي پيش آيو، جڏهن ته جوابدار ڏهين وڳي گرفتار ٿيو ۽ ڪيس رات جو داخل ڪيو ويو۔ جسٽس هاشم ڪاڪڙ چيو ته اوهان جي موڪل سان ته پوءِ به ٺيڪ ٿيو، نه ته سنڌ ۾ ته چار چار ڏينهن بعد ڪيس داخل ٿيندا آهن. وڪيل چيو ته پراسيڪيوشن اهو ثابت ئي ناهي ڪيو ته جوابدار خودڪش حملو ڪرڻ آيو هو. موڪل کي جنهن الزام هيٺ گرفتار ڪيو ويو، ان مطابق وڌ ۾ وڌ 14 سال سزا بڻجي ٿي. خودڪش جيڪٽ به عدالت ۾ پيش نه ڪئي وئي. جسٽس هاشم ڪاڪڙ سوال اٿاريو ته ڇا هاڻي عدالتون هاڻي وڪيلن جي غفلت تي سزائون ڏيڻ شروع ڪن ڇا، خودڪش حملي لاءِ عيد جو ڏينهن ئي ڇو، ڪنهن ٻئي ڏينهن به ته ڪري سگهن پيا.