خانپورمهر (ن پ ا) خانپورمهر لڳ ڳوٺ پيارو لاشاري وٽان مهرو واهه کي 30 فوٽ گهارو لڳڻ سبب ڀرپاسي ۾ سوين ايڪڙن تي پوکيل سارين جو فصل پاڻي هيٺ اچي ويو
جڏهن ته واهه کي لڳل گهاري بعد وڏي انگ ۾ ڀرپاسي جا ڳوٺاڻا گهاري کي بند ڪرڻ لاءِ پهچي ويا، ڳوٺاڻن موجب فوري طور اطلاع ڏيڻ باوجود آبپاشي عملو بروقت نه پهتو تقريبن 4 ڪلاڪن بعد آبپاشي عملدار گهاري واري هنڌ پهتا
جنهن کانپوءِ وڏي ڪوشش بعد ڳوٺاڻن ۽ آبپاشي عملدارن ڪرين مشين جي مدد سان گهارو بند ڪري ورتو، ڳوٺاڻن موجب واهه جا ڪپر ڪمزور ۽ پاڻي جو دٻاءُ وڌي وڃڻ ڪري گهارو لڳو آهي، گهاري سبب اسان جي فصلن کي وڏو نقصان پهتو آهي