| خانپور مهر واسي 2 نوجوان بلوچستان ۾ مبينا اغوا |
خانپورمهر (ن پ ا) خانپورمهر ويجهو ڳوٺ لوهي واسي 2 پورهيت بلوچستان جي دالبدين واري علائقي مان مبينا طور اغوا ٿي ويا، نوجوان برڪت ڀٽي ۽ عبدالغني ڀٽي روزگار سانگي بلوچستان ويا ته کين بلوچستان جي بدڪ چوڪ وٽان اغوا ڪيو ويو، وارثن اغوا جي تصديق ڪئي آهي، وارثن ٻنهي نوجوانن جي بازيابي لاءِ پاڪ ڪتاب کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو، مظاهرين جي ايم ڀٽي، غلام حسين ،شهميران ڀٽي ، نور بانو، ۽ ٻين ميڊيا کي ٻڌايو ته اسين مسڪين آهيون، غربت سبب اسان جا نوجوان برڪت ۽ پاڙيسري عبدالغني ڀٽي مزدوري ڪرڻ لاءِ بلوچستان ويا هئا، ٻئي ڄڻا ڪوئيٽا کان جيئن ئي روانا ٿيا ته کين دالبدين ۽ بدڪ چوڪ جي وچ تي 76 واري علائقي مان اغوا ڪيو ويو، اغوا ٿئي 12 ڏينهن گذري ويا آهن، ٻنهي کي بازياب ڪرايو وڃي.