خانپور مهر ويجهو مڙس گهرو اڻبڻت تان زال ماري ڇڏي

جُون 3, 2023

خانپورمهر (ن پ ا) خانپورمهر ويجهو ڳوٺ ارباب ماڇي ۾ مڙس گهرو اڻبڻت تان  زال کي قتل ڪري ڇڏيو جڏهن ته جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي

ڳوٺ ارباب ماڇي ۾ جوابدار نور احمد ماڇي ننڊ ستل پنهنجي پنهنجي گهرواري 50 ورهين انور خاتون کي بندوق جا فائر ڪري موقعي تي ئي قتل ڪيو، گهرڀاتين توڙي ڳوٺاڻن کيس سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪري ڇڏيو

 اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي شيخ همدان بن محمد تعلقي اسپتال کڻائي آئي، جڏهن ته لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو

 اسپتال ۾ موجود مقتولا جي ڏير علي احمد ماڇي ميڊيا کي ٻڌايو ته منهنجو ڀاءُ موالي قسم جو ماڻهو آهي سڀ گهر ڀاتي ننڊ ستل هئا ته گھرو اڻبڻت تان گهرواري کي بندوق جا فائر ڪري قتل ڪيو

 پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار کي بندوق سميت گرفتار ڪيو ويو آهي، ابتدائي رپورٽ داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، وارث ڪيس داخل ڪرائڻ ٿاڻي تي ايندا ته ڪيس داخل ڪري وڌيڪ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي

Leave A Comment