خانپورمهر(ن پ و) خانپور مهر ويجهو مان نوجوان اغوا ٿي ويو، ڌاڙيلن بازيابي لاءِ 30 لک رپيا ڀنگ گهري ورتي آهي
ڳوٺ ور دڙو جو رهواسي نوجوان ڪريم بخش مهر عيد کان هڪ ڏينهن اڳ گهران نڪتو واپس نه اچڻ تي وارثن سندس ڳولا ڪئي پر هو هٿ اچي نه سگهيو
ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي مغوي نوجوان جي ڀاءُ امام بخش مهر پنهنجي اخبار کي ٻڌايو عيد کان هڪ ڏينهن اڳ منهنجو ڀاءُ پير ڳوٺ درگاھه لاءِ گهران ويو هو جنهن کي رستي مان اغوا ڪيو ويو آهي
سندس چوڻ هو ته گهڻي ڳولا باوجود ڀاءُ جو ڪو به ڏس پتو نه مليو اڄ ڌاڙيلن فون ڪري ڀاءُ جي بازيابي لاءِ 30 لک ڀنگ طلب ڪيو آهي
هن چيو ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني نه آهي ڌاڙيلن ڀاءُ ڪريم بخش مهر کي اغوا ڪيو آهي اهڙو اطلاع خانپورمهر ٿاڻي تي ڏنو آهي
وارثن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ٻين وس وارن کان نوجوان کي بازياب ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي ٻئي طرف پوليس جو چوڻ آهي ته وارثن نوجوان جي گمشدگي بابت اطلاع ڪيو آهي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون