خانپور مهر ويجهو نوجوان بي دردي سان قتل، لاش فصل ۾ ڦتو ڪيو ويو

مَي 18, 2023

خانپورمهر(ن پ ا) خانپورمهر ويجهو  نوجوان  کي قتل ڪرڻ بعد لاش فصل ۾ ڦتو ڪيو ويو، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي

ڳوٺ ولو دڙي واسي نوجوان مولا بخش ولد علي اعظم گبول کي نامعلوم ھٿياربند قتل ڪري فرار ٿي ويا

نوجوان جي مائٽن جو چوڻ آهي ته مولا بخش رات گهران نڪري ويو هو جنهن جو لاش صبح سوير فصل مان هٿ آيو

اطلاع تي خانپورمهر پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ خانپورمهر  جي اسپتال کڻائي آئي

پوليس جو چوڻ آهي ته پوسٽ مارٽم بعد نوجوان جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويندو، واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي

Leave A Comment