| خانپور مهر ويجھو مال جي واڙي تي ستل نوجوان گوليون هڻي قتل، جوابدار فرار |
خانپورمهر (ن پ ا) خانپورمهر ويجهو گذريل رات دير سان نامعلوم هٿياربندن گوليون هڻي 28 سالن جي نوجوان عمران علي ڀٽي ولد نور احمد ڀٽي کي قتل ڪري ڇڏيو.نوجوان جو لاش خانپورمهر تعلقه اسپتال آندو ويو، جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ مارجي ويل نوجوان جي ڀاءُ ۽ سئوٽ شوڪت علي ڀٽي ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان جي ڪنهن سان ذاتي دشمني ناهي، نوجوان گهر اندر چوپائي مال جي واڙي ۾ ستل هيو، اچانڪ فائرنگ ٿي سڄاڳ ٿياسين ته نوجوان کي گوليون لڳل هيون جيڪو زخمي حالت ۾ زمين تي تڙپي رهيو هو، فوري طور اسپتال کڻائي اچي رهيا هئاسين ته نوجوان رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو، نامعلوم هٿياربندن عمران ڀٽي کي گوليون هڻي قتل ڪري ظلم ڪيو آهي،جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي، هوڏانهن خانپورمهر پوليس موجب واقعي جو ڪارڻ معلوم ناهي ٿي سگهيو، قتل واقعي جي هر رخ کان جاچ جاري آهي، نوجوان جو لاش تعلقه اسپتال خانپورمهر منتقل ڪرڻ بعد پوسٽ مارٽم ڪرائي وارثن حوالي ڪيو، هوڏانهن نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي آهي.