خانپور مهر ڀرسان سڱاوتي تڪرار تان فائرنگ، چاچي ۽ ڀائٽي سميت 3 ڄڻا مارجي ويا

خانپور مهر ڀرسان سڱاوتي تڪرار تان فائرنگ، چاچي ۽ ڀائٽي سميت 3 ڄڻا مارجي ويا

خانپورمهر (ن پ ا) خانپورمهر ٿاڻي جي حد ڳوٺ ناڙي گڏاڻي ۾ گڏاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي سڱاوتي تڪرار تان جھيڙي دوران چاچَي ۽ ڀائيٽي سميت 3 ڄڻا قتل ٿي ويا، هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 48 ورهين جو ناڙي گڏاڻي ۽ سندس ڀائٽيو 20 ورهين جو ظفر علي گڏاڻي موقعي تي قتل ٿي ويا،  جڏهن ته 55 ورهين جو غلام مصطفيٰ گڏاڻي مبينا طور سهولتڪاري جي الزام ۾ مارجي ويو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيا، پوليس موجب ڌرين ۾ پراڻو سڱاوتي تڪرار هلندڙ آهي جنهن تان واقعو پيش آيو آهي،واقعي ۾ چاچو ۽ ڀائٽيو مارجي ويا آهن ۽ هڪ ڄڻو غلام مصطفيٰ گڏاڻي سهولتڪاري جي الزام ۾ مارجي ويو آهي.