خانپور مهر ڀرسان گڏاڻي ۽ ميراڻي برادري ۾ جهيڙو، فائرنگ، نينگر قتل، 3 ڄڻا زخمي

خانپور مهر ڀرسان گڏاڻي ۽ ميراڻي برادري ۾ جهيڙو، فائرنگ، نينگر قتل، 3 ڄڻا زخمي

خانپورمهر (رپورٽ: قاضي خادم) خانپورمهر ڀرسان ڳوٺ ڇتن مهر ۾ گڏاڻي ۽ ميراڻي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جھيڙو ٿي پيو، جهيڙي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ گڏاڻي برادري جا 4 ڄڻا 9 سالن جو عبدالرحيم ولد گل حسن گڏاڻي، عبدالحميد گڏاڻي، امداد گڏاڻي، جمال گڏاڻي زخمي ٿي پيا، زخمين کي خانپورمهر جي تعلقه اسپتال آندو ويو جتي زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ ڪري کين گهوٽڪي ۽ سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته زخمين مان 9 ورهين معصوم نينگر عبدالرحيم گڏاڻي رستي ۾ فوت ٿي ويو. هوڏانهن نينگر جو مڙھه گھر پهچڻ تي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو، گڏاڻي برادري جي ماڻهن خانڳڙھ، خانپورمهر روڊ تي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڌرڻو هنيو ۽ قاتل گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، وارثن موجب اسان جي گهرن آڏو رستي تي برساتي پاڻي بيٺل هو جتي ميراڻي ڌر جو رڪشا ڪلٽي ٿيو جنهن ۾ ميراڻي برادري جون عورتون هيون، اسان کي ان واقعي بابت ڪا به معلومات نه هئي، جنهن کانپوءِ ميراڻي ڌر جي هٿياربندن اسان جي گهرن تي حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني جنهن سبب اسان جو نينگر  قتل ٿي ويو آهي ۽ 3 ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن، جڏهن ته پوليس مظاهرين سان ڳالهيون ڪري جوابدارن جي خاطري ڪرائڻ بعد احتجاج ختم ڪيو ويو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي،  جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.ٻڌايو پيو وڃي ته گڏاڻي برادري جي گهرن ٻاهران برسات جو پاڻي بيٺل هئڻ ڪري ميراڻي برادري جو رڪشو ڪلٽي ٿيو هو جنهن دوران ڪجهه عورتون زخمي ٿيون هيون جنهن تان ڌرين ۾ ڇڪتاڻ ٿي بعد ۾ واقعو پيش آيو.