| خانپور مهر ۾ سڱاوتي تڪرار 3 حياتيون ڳڙڪائي ويو: 3 ڄڻا زخمي، ڇڪتاڻ |
خانپورمهر (رپورٽ: قاضي خادم) خانپورمهر ويجهو پراڻي سڱاوتي تڪرار تان پتافي برادري جا 3 ڄڻا مارجي ويا ۽3 زخمي تي ويا. لنڊي ٽوڙي واري علائقي ۾ گذريل رات دير سان پتافي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي سڱاوتي تڪرار تان واقعو ٿيو، جنهن دوران هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ٽي ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا، مارجي ويلن ۽ حضور بخش پتافي، برڪت علي عرف دودو پتافي ۽ اصغر پتافي شامل آهن، جڏهن ته حبيب الله پتافي، علي نواز ۽ زبير پتافي زخمي ٿي پيا، اهڙي واقعي جو اطلاع ملڻ تي خانپورمهر پوليس واقعي واري هنڌ پهچي پهرين زخمين کي کڻائي تعلقي اسپتال خانپورمهر پهچايو، جڏهن ته مقتولن جا لاش تحويل ۾ ورتا، پوليس تقريبن ڇهن ڪلاڪن بعد مقتولن جا لاش پوسٽ مارٽم لاء اسپتال کڻائي آئي، جتان زخمين کي سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٻڌايو پيو وڃي ته ٽئي مقتول ۽ زخمي پنجاب جي لاهور، رحيميار خان ۽ صادق آباد جا رهواسي آهن، جڏهن ته مقتولن جا لاش خانپورمهر تعلقه اسپتال ۾ پيل آهن، جڏهن ته مقتولن جا وارث لاش وصول ڪرڻ لاءِ پنجاب کان تعلقي اسپتال خانپورمهر پهچي ويا. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.هوڏانهن زخمين ٻڌايو ته اسان جو سڱاوتي ۽ زميني پراڻو تڪرار هلندڙ آهي ،اسان پنجاب مان 6 ڄڻا هلندڙ تڪرار جي خاتمي لاءِ ميڙ ٿي آياسين جتي جوابدارن اسان کي رات جو دير سان فائرنگ ڪري زخمي ڪيو آهي. ٻئي طرف واقعي جو صوبائي وزير محمد بخش مهر نوٽيس ورتو، ٽائون ڪاميٽي خانڳڙه جو چيئرمين حاجي عبدالرزاق مهر تعلقه اسپتال پهچي ويو، مقتولن ۽ زخمين جي وارثن سان ملاقات ڪري کانئن واقعي جا تفصيل ورتا، ٽائون ڪاميٽي چيئرمين عبدالرزاق مهر جو چوڻ هو ته صوبائي وزير محمد بخش خان مهر ٽن ڄڻن جي قتل معاملي جو نوٽيس ورتو آهي ۽ هن ايس ايس پي گهوٽڪي سان پِڻ ان معاملي تي ڳالهايو آهي، محمد بخش خان مهر ايس ايس پي گهوٽڪي کي چيو آهي ته قاتلن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي هن چيو ته پوليس ٻڌايو آهي ته جوابدارن خلاف ڪارروايون ڪيون پيون وڃن ۽ ڪجهه گرفتاريون پڻ پوليس ڪيون آهن.
| اسان جي ماڻهن کي ٺاهه لاءِ گھرائي قتل ڪيو ويو: وارث |
خانپورمهر : مقتولن جي وارثن منظور پتافي، گل حسن پتافي، ايوب پتافي اسپتال ۾ ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان جو شاهنواز پتافي، علي دوست، علي محمد پتافي ۽ ٻين سان پراڻو سڱاوتي تڪرار هلندڙ آهي، ڄاڻايل جوابدارن تڪرار کي ختم ڪرڻ ۽ ٺاھ ڪرڻ لاءِ اسان جي 6 ڄڻن کي پنجاب کان خانپورمهر لڳ ڳوٺ لنڊي ٽوڙي ۾ گهرايو ويو، جتي رات جو دير سان جوابدارن فائرنگ ڪري اسان جي ٽن ڄڻن کي قتل ۽ ٽن ڄڻن کي زخمي ڪري ڇڏيو آهي، اسان جا 6 ڄڻا ٺاهه لاءِ موٽرسائيڪلن تي ڄاڻايل جوابدارن وٽ آيل هئا جتي جوابدارن کين رات جي ماني به کارائي، ٽن ڄڻن کي قتل ڪري ظلم ڪيو آهي ،قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي
واقعي بعد پوليس جا ڇاپا: 3 شڪي گرفتار ٿيڻ جا اطلاع: ڌريون پاڻ ۾ مائٽ آهن: ڊي ايس پي ماٿيلو
خانپورمهر : ڊي ايس پي ميرپورماٿيلو محمد يونس واقعي بعد تعلقي اسپتال خانپورمهر پهتو جتي هن زخمين کان واقعي بابت تفصيل ورتا، جنهن بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊي ايس پي ميرپورماٿيلو محمد يونس ٻڌايو ته ڌريون پاڻ ۾ مائٽ آهن ڌرين ۾ پراڻو سڱاوتي تڪرار هلندڙ هو جنهن تان واقعو پيش آيو آهي تڪرار سبب ڪجهه ماڻهو رحيميار خان ۽ لاهور لڏي ويا هئا جيڪي هاڻ ٺاھ لاءِ هتي آيا ته گهر ڌڻين حملو ڪري ٽن ڄڻن کي قتل ۽ ٽن کي زخمي ڪري ڇڏيو آهي جنهن بعد جوابدار ڌر گهر خالي ڪري فرار ٿي وئي آهي، معاملي جي وڌيڪ هر رک کان جاچ ڪئي پئي وڃي. رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او خانپورمهر طالب حسين جسڪاڻي بڌايو ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هڻي رهيا آهيون، ٽن شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي وڌيڪ جاچ هلندڙ آهي، وارثن جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويندو .