| خانپور ۾ زهريلو کاڌو سبب وڌيڪ هڪ نينگري فوت، انگ 4 ٿي ويو |
خانپور (ن پ ا) خانپور ۾ زهريلي کاڌي سبب وڌيڪ هڪ نينگري فوت، انگ 4 ٿي ويو، ٻه ڏينهن اڳ گلزار قريشي جي گهر ڀاتين مبينا طور ڇولن ۾ پڪل برياني کاڌي، جنهن کانپوءِ هڪ ئي گهر جا 10 ڀاتي بيهوش ٿي ويا هئا.متاثرن کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي علاج دوران ٽي معصوم ٻار اڳ ئي فوت ٿي چڪا هئا. ڪالهه علاج هيٺ رهندڙ نينگري ماهه نور قريشي به زندگي جي جنگ هارائي وئي، فوت ٿيل ٻارن جو انگ چار ٿي ويو. هڪ ئي گهر مان معصوم ٻارن جي لاڳيتو فوتگين سبب علائقي ۾ ڏک ۽ سوڳ جي لهر ڇانيل آهي، جڏهن ته وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو.