خانپور (رپورٽر) خانپور ويجهو ڊيوٽي تي ويندڙ پوليس اهلڪار کي ڌاڙيل اغوا ڪري ويا، ڌاڙيلن گرفتار ڪيل جوابدار ڇڏڻ جو مطالبو به ڪري ڇڏيو
ڳڙھي تيغو واري علائقي ڏڪ بند وٽان ڊيوٽي تي ويندڙ پوليس اھلڪار نصرالله جتوئي کي ڌاڙيل مبينا طور اغوا ڪري کڻي ويا
پوليس اھلڪار جي وارثن جو چوڻ آهي ته ڊيوٽي تي ويل نصرالله جتوئي سان رابطو ڪٽجي ويو آهي، شڪ آهي ته کيس اغوا ڪيو ويو آهي
ذريعن موجب ڌاڙيلن ڪوٽ شاهو پوليس کي اطلاع ڏنو آهي ته پنهنجو ماڻهو ڇڏائڻ لاءِ اهلڪار کي اغوا ڪيو آهي، ڌاڙيلن جو چوڻ آهي ته پوليس اسان جي نوجوان جي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو آهي
ڌاڙيلن پوليس کي نياپو موڪليو آهي ته گرفتار ڪيل ساٿي جي آزادي لاءِ اهلڪار کي اغوا ڪري پاڻ وٽ رکيو آهي