| خان هجي ۽ خان کي سپورٽ نه ڪري، اهو ٿي نٿو سگهي: يونس خان |
ڪراچي( اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان يونس خان جو چوڻ آهي ته ڪو خان هجي ۽ خان کي سپورٽ نه ڪري، اهو ٿي ئي نٿو سگهي.هڪ تقريب دوران يونس خان چيو ته سوشل ميڊيا گهڻو استعمال نه ڪندو آهيان ، پر جڏهن عمران خان جي اک بابت خبر پئي ته ان حوالي سان ٽوئيٽ ڪيو هو.سندس چوڻ هو ته، ”مان اهو نه چوندس ته ٻين ڪنهن سپورٽ ڪئي يا نه ڪئي، پر اسان کي پنهنجو جواب ڏيڻو آهي.“اڳوڻي ڪپتان چيو ته عمران خان پاڪستان لاءِ به ۽ هڪ مسلمان رانديگر طور به تمام گهڻو نالو ڪمايو آهي.يونس خان وڌيڪ چيو ته، ”مان هميشه انهن کي سپورٽ ڪندو آهيان ۽ چاهيان ٿو ته انهن جي صحت بهتر رهي ۽ الله تعاليٰ سندن مشڪلاتون گهٽ ڪري.“