قمبر(رپورٽر) اڳوڻي ايم پي اي سردار چانڊيو مير نادر مگسي جي الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته خبر ناهي هن اهڙو موقف چو ڏنو آهي سندس الزام اجايا آهن
مير نادر مگسي جي بيان تي رد عمل ڏيندي سردار چانڊيو چيو ته مقتول سرور چانڊيو جي نياڻي ۽ ٻين وارثن ئي ايف آءِ آر ۾ مير نادر مگسي جو نالو کنيو هو
هن چيو ته چانڊيا منهنجي برادري جا ماڻهو آهن، مقتول سرور چانڊيو جي وارثن وٽ تعزيت ۽ همدردي جي اظهار لاءِ ويو هئس، خبر ناهي ته نادر مگسي اهڙو موقف ڇو ڏنو آهي