ڪنڌڪوٽ(رپورٽ: لياقت کوسو) سنڌ جو نگران گهرو وزير روهڙي مان 2 سال اڳ اغوا ٿيل ٻارڙي پريا ڪماريءَ جي عمر جي باري ۾ لاعلم بڻيل رهيو
ڪنڌڪوٽ ۾ پريا ڪماري بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ گهرو وزير چيو ته خبر ناهي ته پريا ڪماري جي شادي ٿي وئي آهي يا ڪو ٻيو معاملو آهي، اهو ڏسي رهيا آهيون
صوبائي گهرو وزير جي آءِ جي سميت ڪنڌڪوٽ پهچڻ تي ايس ايس پي مير روحل کوسو ڪچي ۾ جاري آپريشن بابت بريفنگ ڏني، نگران گهرو وزير حارث نواز چيو آهي ته ڌاڙيلن کي ختم ڪري ڪچي کي مڪمل طور محفوظ ڪنداسين
ان مواقعي تي آءِ جي سنڌ رفعت مختار چيو ته پريا ڪماري جي اغوا جو ڪيس پاڻ ڏسي رهيو آهيان، پراڻو ڪيس هئڻ سبب مختلف جاچ آفيسرز جو ريڪارڊ گهرايو اٿم، ڪا به اڳڀرائي ٿي ته ميڊيا کي آگاهه ڪندس
آءِ جي سنڌ چيو ته اسان 21 آگسٽ تي آياسين ته ان وقت سنڌ ۾ 51 ماڻهو ڌاڙيلن وٽ يرغمال بڻيل هئا، هن وقت رڳو 6 ماڻهو ڌاڙيلن وٽ آهن، جن مان بروهي برادري جا 3 ماڻهو تازو اغوا ٿيا آهن، ڪشمور ضلعي جا رڳو 4 ماڻهو اغوا ٿيل آهن، سمورا مغوي جلد بازياب ڪرائينداسين