خدا جي واسطي اسان جي مدد ڪريو: چيئر لفٽ ۾ ڦاٿل استاد جي اپيل

آگسٽ 22, 2023

بٽگرام (م ڊ) بٽگرام جي الائي واري علائقي ۾چيئر لفٽ ۾ موجود استاد گلزار احمد چيو ته خدا جي واسطي اسان جي مدد ڪريو، لفٽ ۾ ڦاٿل آهيون، 6 ڪلاڪ ٿي ويا آهن، هڪ ٻار بيهوش ٿي ويو آهي ان جي حالت تمام گهڻي خراب آهي

هن چيو ته هيليڪاپٽر چڪر هڻي واپس هليو ويو، لفٽ ۾ موجود ٻارن مان هڪ ٻار دل جي عارضي ۾ مبتلا آهي، پيئڻ جي پاڻي جي سخت ضرورت آهي، ٻارن جي عمر 12 کان 13 سال آهن

هوڏانهن اسڪول جي هڪ ٻئي استاد ظفر اقبال جو چوڻ آهي ته روڊ ناهن ان ڪري درياهه پار ڪرڻ لاءِ چيئر لفٽ جو استعمال ڪندا آهيون، چيئرلفٽ جي پهريان هڪ رسي ٽٽي، پوءِ ٻي به ٽٽي وئي

سوا 7 وڳي واقعو پيش آيو

Leave A Comment