خدا جي واسي منهنجي نياڻي واپس ڪرايو: مغوي نينگري جي امڙ روئي پئي

آگسٽ 26, 2023

ميهڙ (رپورٽر) ميھڙ ۾ 2 مھينا اڳ گم ٿي ويل معصوم نينگري فاطمه تيوڻو جو پتو پئجي نه سگهيو، وارثن اغوا جو شڪ ڏيکاري ڇڏيو

بينظير ٽائون جي رھواسي عورتن مسمات طاھرا ، مسمات لالا خاتون ، مسمات لالا ۽ ٻين گڏجي نيشنل پريس ڪلب ميھڙ پھچي احتجاج ڪيو

هن دانھيو  ته ٻه مھينا اڳ صبح جو سوير دڪان تان کير وٺڻ لاءِ ويل 10 ورھين جي نينگري فاطمه تيوڻو کي نامعلوم ماڻھو اغوا ڪري کڻي ويا  جنھن جو پتو پئجي نه سگھيو آھي

ھنن چيو ته اسان ڪيترائي ڀيرا ميھڙ پوليس ڏانهن ويا آھيون پر پوليس ڪا مدد نه ٿي ڪري ۽ اسان ڪيترائي ڀيرا پاڪ ڪتاب به کڻي گھمايو آھي

نينگري جي والده روئيندي دانھيو ته ظالم منھنجي معصوم نياڻي کي اغوا ڪير ويا آھن خدا جي واسطي منھنجي نياڻي واپس ڪرائي ڏيو

Leave A Comment