اسلام آباد(پنهنجي ڊيسڪ) ڪور ڪمانڊر هائوس لاهور تي حملي جي ڪيس ۾ گرفتار مشهور فيشن ڊزائينر خديجه شاهه سان آمريڪي قونصليٽ جَي نمائندي ملاقات ڪئي آهي
لکپت جيل ۾ هڪ ڪلاڪ تائين ملاقات جاري رهي، خديجه شاهه جي آزادي بابت قانوني رُخن جو جائزو ورتو ويو
وفاقي گهرو وزارت خديجه شاهه کي قونصلر رسائي جي اجازت ڏني وئي، خديجه شاهه پاڪستان ۽ آمريڪا ٻنهي ملڪن جي شهريت رکي ٿي