خراب روشني وارو قانون تبديل ڪريو: آسٽريليا ڪرڪيٽ بورڊ تبديلي جو مطالبو ڪري ڇڏيو

خراب روشني وارو قانون تبديل ڪريو: آسٽريليا ڪرڪيٽ بورڊ تبديلي جو مطالبو ڪري ڇڏيو

ڪينبرا (اسپورٽس نيوز) ڪرڪيٽ آسٽريليا جي سي اي او ٽوڊ گرين برگ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) جي قانونن تي سخت تنقيد ڪئي آهي. ٽوڊ گرين برگ آءِ سي سي کان ٽيسٽ ميچن ۾ خراب روشني واري قانون کي تبديل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ڪرڪيٽ آسٽريليا جي سي اي او چيو ته منهنجي خيال ۾ سڊني ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن وڌيڪ ڪرڪيٽ ٿيڻ گهرجي ها، اسان تفريح جو ڪاروبار ڪيون ٿا، مان ڪنهن اهڙي ڪاروبار بابت نٿو سوچي سگهان جيڪو پنهنجي شوقينن کي ميدان مان ٻاهر ڪڍي. ٽوڊ گرين برگ چيو ته اها ڳالهه پهرين واضح ڪري ڇڏيان ٿو ته رانديگرن جي حفاظت سڀ کان اهم آهي، اسان وٽ بلند لائيٽ ٽاورز ۽ جديد ٽيڪنالاجي موجود آهي، مون کي پڪ آهي ته ان مسئلي جو ڪو نه ڪو حل ضرور ڪڍي سگهجي ٿو. هن چيو ته هو آسٽريلوي ڪرڪيٽ جي پليٽ فارم کي استعمال ڪندي وڌيڪ هاڪاري ۽ ترقي پسند تبديليون آڻڻ جي ڪوشش ڪندو. اسان کي اهڙو حل ڪڍڻو پوندو، جنهن سان رانديگر خراب روشني دوران گرائونڊ کان ٻاهر وڃڻ تي مجبور نه ٿين.