نيويارڪ (انٽريسٽنگ نيوز) خزاني جي ڳولا ۾ نڪتل خاندان کي قيمتي هيرو هٿ اچي ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪا ۾ 41 ورهين جو جيمز وارڊ خاندان سميت خزاني جي ڳولا ۾ نڪتل هو، نوجوان جي جدوجهد ڪامياب ٿي وئي ۽ کيس 2.09 قيراط وزني هيرو هٿ آيو . چيو پيو وڃي ته نوجوان جيمز زال الزبيٿ وارڊ، معصوم ٻارن ايٽرين ۽ آسٽن سان سائپرس جي پارڪ پهتو، خاندان پارڪ ۾ خزانو ڳولڻ شروع ڪيو ۽ ٻن ڏينهن جي ڳولا بعد هيرو هٿ آيو ، ان حوالي سان الزبيٿ وارڊ ٻڌايو ته ٽي وي ڏسي رهيا هئاسين ته معصوم آسٽن پڇيو ته هتي ٽيڪساس يا ڀرپاسي ڪو پارڪ آهي جٿي هلي ڪرسٽل جي ڳولا ڪريون، جنهن بعد اسان ڊرائيور کي اماڻي معلومات ورتي ۽ پوءِ آرڪنساس اسٽيٽ پارڪ پهچي وياسين، هن چيو ته پهرين ڏينهن ڳولا ڪري ڪري ٿڪجي پياسين پر معصوم ايٽرين همت ڏياريندي رهي جنهن بعد ايٽرين جي ئي خواهش ۽ همت ڏيارڻ تي ٻئين ڏينهن ڳولا ڪئي ته هيرو هٿ آيو. هن ٻڌايو ته قيمتي هيري جو نالو وارڊ ڊائمنڊ رکيو ويو آهي، قيمت جو ڪاٿو لڳايو پيو وڃي.