| خساري وارا بجلي فيڊرز شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ جو حڪم، رمضان پيڪيج لاءِ سفارشون طلب |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ ملڪ جي ڏورانهن علائقن ۾ بنا رڪاوٽ بجلي فراهمي لاءِ سولرائيزيشن بابت اعليٰ سطحي اجلاس منقعد ٿيو. وزير اعظم وڌيڪ خساري وارا بجلي فيڊر، ڪميونٽي ۽ صوبائي حڪومتن جي سهڪار سان شمسي توانائي ڏانهن منتقل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته اهڙن قدمن سان خساري ۾ هلندڙ فيڊرن جي نقصان ۾ گهٽتائي ايندي ۽ انهن علائقن ۾ بجلي جي فراهمي بنا رڪاوٽ جاري رهندي. پيسڪو ۽ ڪيسڪو جي وڌيڪ نقصان ۾ هلندڙ فيڊرن ۾ فوري طور پائلٽ منصوبن جي شروعات ڪئي وڃي. پائلٽ منصوبن کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ علائقن جي چونڊيل نمائندن سان مشاورت ۽ ڪميونٽي جي شموليت يقيني بڻائي وڃي، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ بجلي شعبي ۾ جاري سڌارن بابت اجلاس ۾ پيسڪو ۽ ڪيسڪو جي خساري ۾ هلندڙ فيڊرن کي شمسي توانائي ڏانهن منتقل ڪرڻ بابت بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته اهڙن فيڊرن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ سان مقامي آبادي لاءِ ماحول دوست، گهٽ لاڳت ۽ پائيدار مائيڪرو گرڊ قائم ٿيندو۔ هن منصوبي سان نه رڳو گهٽ لاڳت بجلي پيدا ٿيندي، هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف هن سال به رمضان پيڪيج جي امدادي رقم جي ورڇ ڊجيٽل واليٽس ذريعي ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ رمضان پيڪيج بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وزيراعظم پيڪيج کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ سفارشون طلب ڪيون.ٻئي طرف وزيراعظم محمد شهباز شريف جواهرات ۽ قيمتي پٿرن (Gemstones) جي شعبي ۾ سڌارن ۽ ان کي بين الاقوامي معيار سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ قومي پاليسي فريم ورڪ جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي. اسلام آباد ۾ ٿيل اعليٰ سطحي اجلاس دوران وزيراعظم هدايت ڪئي ته هن سال پاليسي فريم ورڪ ۾ تجويز ڪيل قدمن تي مڪمل عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي۔ پاڪستان ۾ جواهرات ۽ قيمتي پٿرن جا وسيع ذخيرا موجود آهن، جن جي جغرافيائي حدن ۽ ماليت جو تعين ترجيحي بنيادن تي جيولاجيڪل سروي ذريعي ڪيو وڃي، ان عمل ۾ سڀني لاڳاپيل ادارن، صوبائي حڪومتن ۽ اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت يقيني بڻائي وڃي۔