تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

خشڪ ٿيل انصاف … نقاش علي

اکين جي سوڪڙ مان ائين ٿو لڳي ته اهي بي انتها ظلم جي وهڪري ۾ وهندي وهندي سڪي خشڪ ٿي ويون آهن. اهي ڪنهن اهڙي ريگستان مان ٿي آيون آهن جتي ان جي اکين جي سمنڊ جي آلاڻ جي ريج کي ختم ڪيو ويو هجي. جڏهن به ڪنهن سمنڊ جو وهڪرو وهي وهي ٻيٽ وڃي بچندو آهي. ان ٻيٽ کي واري ايتري خشڪي ڪري ڇڏيندي آهي، جو لڳندو ئي ناهي ته اتان ڪڏھن ڪو سمنڊ جي لهرن جي موج هوندي هئي، يا ان سمنڊ جي ڪناري ڪو ايترو طويل امن امان قائم هو. ايئن ٿو لڳي ان سمنڊ کا ڪير ڪنارو کسي ويو آهي!! يا ان جي ڪناري تي ايڏي بي سڪوني ٿي وئي آهي جو ان ڪناري ڏانهن ڪير روخ ڪرڻ لاءِ به ڪير تيار ناهي، ائين ٿو لڳي ان سمنڊ جي ڪناري کي نانگ سونگهي ويو هجي يا راڪاس ڇائجي ويو هجي. مطلب ته مڪمل طرح سان خوفزادا ٿي ويو هجي. ان جي اکين مان ائين پي لڳو ڄڻ ڪو ان مان سمورا سپنا چورائي ٻئي پار کڻي ويو هجي ۽ انهن سپنن جي واپس پسڻ جي ڪا آرزو نظر نه پئي اچي. اهي سپنا دنيا جي اهڙي مظبوط تالي ۾ رکيا ويا آهن جتان انهن کي واپس چورائڻ ناممڪن ٿي وڃي. ان جي اکين مان آس جي آلاڻ به موڪلائي وئي آهي. ان جي اکين مان 1400 سال پهرين ٿيل وارتا جي لهر محسوس پئي ٿئي، جيئن ڪو يزيد انکي بکيو ۽ پياسو قتل ڪري ويو هجي ۽ اهي اکيون 1400 سال کان انصاف جي استدعا ڪري رهيون هجن!!!
ان جي اکين مان ان اونڌائي واري طويل رات نظر پي آئي، انکي ڄڻ ڪنهن پهرين کان ئي اطلاع ڏئي ڇڏيو هجي ته هتي اونڌائي واري رات ڪڏهن به روشن ڏينهن جي سفر جو تصور به نٿي ڪريو سگهي. ان جي خشڪ اکين مان بي انتها زارو قطار روئڻ جو آواز پي ڪنن ۾ گونجيو پر ان جي اکين جي ساحل کي ڪو وڏو ڪاپاري ڌڪ لڳل هو جو ان جي اڳيان ڪو وڏو بند لڳل هو جيڪو هميشه لاءِ سڪي ٿي ويو. جيڪڏهن ان کان ڪنهن سوال ٿي ڪيو ته ان جي جواب ڏيڻ کان پهرين ان جون اکيون گونگي برسات وانگر وسي ٿي پيون. ائين ان جي سمنڊ جي گهرائي وسي وسي آلاڻ جا بادل به خالي ٿي ٿيو ويا ۽ اهي ڪنهن ريگستان جو ڏيک پي ڏيڻ لڳيون، ان جون اکيون ڪنهن برسات جو انتظار ڪري رهيون هيون، پر بادل وسڻ کان صاف انڪار ڪري رهيا هئا ۽ ان جون اکيون ڪنهن وڏي ڏڪار کي منهن ڏئي رهيون هيون. ان اکين ۾ بهار اچڻ جي جاڳرتا به نظر پي آئي، پر خزان جو ڪو سگهو پهرو هو، جيڪو ان کي بهار کان ڪو دراز پري پي لڳو، جيڪو اک جي نظر کا ڌنڌلو ٿي چڪو هو. ان جي اکين جي مظبوطي مان ائين پي لڳو ته اهي مرڻ جي ڇينڀ کي به قبول ڪري موت جو انتظار ڪنديون هجن، پر ڪنهن جي اڳيان جهڪيل نظر نه پي آيون. ان جون اکيون سراپا احتجاج ڪري رهيون هيون، پر انڌو قانون پنهنجو رواجي ڪردار ادا ڪري رهيو هو. ان جي اکين جو حوصلو پست ٿيندي نظر نه پي آيو. ان جي اکين مان ڏيئي جي لاٽ پي نظر آئي جيڪا تيز هوا جي سٽ ته برداشت ڪريو پي وئي، پر ڪو پنهنجو ئي ان ڏيئي جي ٻرندڙ لاٽ کي هٿرادو ڦوڪا ڏئي رهيو هو. ان جو مقصد ان جي حوصلن کي پست ڪرڻ جو هو. ان جي اکين مان ائين پي لڳو ته ان جي پنهنجي جرئت هٿ نه پي کنيو. ان پنهنجن جي ناجائزي کي ڏسي ان مرڻ جو سودمند رستي جو راضپو ڏيکاريو، ائين ان هٿرادو هوا جي زور نيٺ اهو ڏيئو گل ڪري ڇڏيو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *