خضدار ۾ حادثو، وڳڻ واسي 2 نوجوان فوت
جُون 11, 2025
وڳڻ (پنهنجي ڊيسڪ ) بلوچستان جي علائقي خضدار گهمڻ لاءِ ويل وڳڻ واسي 2 نوجوان حادثي ۾ فوت، 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، خضدار جي ونگو جبل جي چاڙهي تي ويگن وڳڻ واسين جي ٻن موٽرسائيڪلن کي ٽڪر هڻي ڇڏيو، حادثي جي نتيجي ۾ 16ورهين جو نبي بخش بروهي ۽ 17 ورهين جو آصف مغيري فوت ٿي ويا، جڏهن ته 3 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا آهن،زخمين کي لاڙڪاڻي جي ٽراما سينٽر منتقل ڪيو ويو، فوتين جا لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، فوتين جا لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.