خطرناڪ ڌاڙيل مارجڻ سان پوليس جو حوصلو بلند ٿيو: لنجار

  خطرناڪ ڌاڙيل مارجڻ سان پوليس جو حوصلو بلند ٿيو: لنجار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار سکر جي ڊي آءِ جي، گهوٽڪي ۽ سکر جي ايس ايس پيز کي گهوٽڪي ۾ ڌاڙيلن خلاف ڪامياب آپريشن ۾ شاندار ڪارڪردگي تي شاباس ڏيندي چيو آهي ته آپريشن ۾ پوليس جي بهادراڻي ۽ پيشه وراڻي حڪمت عملي ڪري اهم ڪاميابي حاصل ٿي آهي. دهشت جي علامت سمجهيا ويندڙ ڌاڙيلن جي مارجڻ سان پوليس جو حوصلو بلند ٿيو آهي. ڊي آءِ جي سکر فيصل عبدالله چاچڙ موجب آپريشن دوران پوليس ۽ ڌاڙيلن جي وچ ۾ مقابلو ٿيو، جنهن ۾ 12 انتهائي خطرناڪ ڌاڙيل مارجي ويا، جن مان ڪيترن تي انعام مقرر ٿيل هو، شاهه نواز عرف شاهو ڌاڙيل تي 50 لک انعام هو. ڊي آءِ جي سکر موجب پوليس ست ڌاڙيلن جا لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيا آهن. باقي 5 ڌاڙيلن جا لاش سندن ساٿي کڻي ويا مارجي ويل ڌاڙيلن جو تعلق شر گينگ سان ٻڌايو وڃي ٿو.