| “خطرون ڪي کلاڙي ” ۾ فائرنگ: 2 اداڪار زخمي |
ممبئي (ڪلچرل ڊيسڪ) ڀارتي ريئلٽي شو “خطرون ڪي کلاڙي سيزن 15” جي تازي قسط هڪ خطرناڪ اسٽنٽ سبب خبرن جي زينت بڻجي وئي، جتي مقابلي دوران 2 اداڪار زخمي ٿي پيا، انهي واقعي کانپوءِ شو جي انتظاميا تي سخت تنقيد شروع ٿي وئي.ميڊيا موجب انهي ٽاسڪ ۾ گورو کنا، ڪرن واهي، وشال آدتيه سنگهه ۽ شگون شرما شريڪ هئا. مقابلي دوران انهن کي پٺِيرو بيهڻو هو، جڏهن ته مخصوص مشينن مان انهن تي مسلسل ربر پيلٽس (رٻڙ جون گوليون) فائر ڪيا، اهو سلسلو ان وقت تائين جاري رهڻو هو ،جيستائين مقابلو ڪندڙ پاڻ ٽاسڪ ڇڏڻ جو فيصلو نه ڪري. شو جي ميزبان روهت شيٽي ٻڌايو ته مهمانن جي ڪرنگهي جي هڏي جي تحفظ لاءِ اسپائنل پروٽيڪٽر ڏنا ويا هئا، انهي باوجود اهو چيلنج ڏکيو ثابت ٿيو. تڪليف وچان گورو کنا ۽ شگون شرما ٽاسڪ اڌ ۾ ڇڏي ڏنو.