خلا ۾ پهرين بار بي ڪيو پارٽي؟ چڪن ونگز  ٺاهي کاڌا ويا

خلا ۾ پهرين بار بي ڪيو پارٽي؟ چڪن ونگز  ٺاهي کاڌا ويا

بيجنگ(انٽريسٽنگ نيوز) چين جي ٽيانگونگ خلائي اسٽيشن ۾ موجود خلائي مسافرن مائڪرو گريويٽي ۾ پهريون ڀيرو ڪاميابي سان چڪن ونگز ۽ اسٽيڪس گريل ڪري کاڌا. هي خلائي بار بي ڪيو هڪ نئين قسم جي اوون جي ڪري ممڪن ٿي سگهيو جيڪو مدار ۾ دونهين ۽ نقصان کان پاڪ کاڌو پڪائڻ ۾ مدد ڏئي سگهي ٿو. جاري ڪيل وڊيو ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته خلائي مسافر چڪن ونگز کي هڪ پنجري ۾ رکندي ان پنجري کي هڪ ايئر فرائير جيتري هيچ ۾ رکي  رهيا آهن، چائنا آسٽرو ناٽ ريسرچ ۽ ٽريننگ سينٽر جي ڊپٽي چيف ڊيزائنر ليئو ويبو جو چوڻ  هو  ته هي پنهنجي قسم جو پهريون اوون آهي جيڪو دنيا کان ٻاهر موجود خلائي اسٽيشن ۾ استعمال ٿي سگهي ٿو. ان جو درجو حرارت 190 ڊگري سيليئس تائين وڌائي خلائي مسافر حقيقت ۾ کاڌو تيار ڪري سگهن ٿا. خلائي اسٽيشن ۾ موجود خلائي مسافر وو في چيو ته خلا ۾ پڪايل چڪن ونگز جو رنگ، ذائقو ۽ خوشبو بهترين هئي.