خواجا حارث توشا خانا ڪيس وڙهندڙ پي ٽي آءِ جي قانوني ٽيم کان ڌار

آگسٽ 24, 2023

اسلام آباد(پنهنجي ڊيسڪ) ناليوارو وڪيل خواجا حارث توشه خانه ڪيس وڙهندڙ پي ٽي آءِ جي ليگل ٽيم کان ڌار ٿي ويو آهي

 ذريعن موجب خواجا حارث پي ٽي آءِ جي ليگل ٽيم ۾ ڊسيپلين بابت خدشن سبب ڌار ٿيو، خواجا حارث اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق تي اعتراض نه وارڻ جو مشورو ڏنو هو

ليگل ٽيم ۾ شامل ڪجهه وڪيلن خواجا حارث جي موقف جي مخالفت ڪئي، مخالف راءِ رکندڙ وڪيلن خواجا حارث کي چيو ته توهان بينچ تي ڀلي اعتراض نه ڪريو پر اسان کي اعتراض ڪرڻ جي اجازت ڏيو

 ذريعن موجب خواجا حارث جي ڌار ٿيڻ بعد هاڻي سپريم ڪورٽ ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ لطيف کوسا ۽ ٻيا وڪيل پي ٽي آءِ چيئرمين جي نمائندگي ڪندا

Leave A Comment