| خواجه آصف شاهه کان وڌيڪ شاهه جو وفادار نه بڻجي: پي ٽي آءِ |
پشاور(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ بئريسٽر محمد علي سيف جو چوڻ آهي ته خواجه آصف، شاهه کان وڌيڪ شاهه جو وفادار بڻجڻ جي چڪر ۾ غلط ڳالهيون نه ڪري، جاري بيان ۾ هن چيو ته محمود غزنوي بابت بيان مان لڳي ٿو ته خواجه آصف تاريخ کان بلڪل اڻڄاڻ آهي، هن اهو نه سوچيو ته اسان جي هڪ ميزائل جو نالو به غزنوي آهي. بئريسٽر سيف جو وڌيڪ چوڻ هو ته خواجه آصف جي زبان مان ڪڏهن به چڱا لفظ نڪرڻ جي اميد نٿي ڪري سگهجي، هو غير سنجيده شخص آهي جيڪو ڪنهن اهم عهدي جي قابل ئي ناهي.