خواجه آصف وائيس چانسلرن کي ڌاڙيل قرار ڏئي ڇڏيو

جُون 14, 2023

اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) دفاع واري وزير خواجه آصف وائس چانسلرن کي ڌاڙيل قرار ڏئي ڇڏيو، قومي اسيمبلي ۾ خطاب دوران وي سيز سوڌو ٽيڪس چورن مٿان تنقيد ڪئي

خواجه آصف چيو ته وي سي ارب پتي بڻجي ويا، صرف پگهار نه ٿا وٺن پر فنڊز به کائي رهيا آهن، اهڙيون اهڙيون يونيورسٽيز آهن جتي وائيس چانسلر مدت پوري ڪري چڪا آهن پر اسٽي وٺي رکيو آهي، قوم کي تعليم ڌاڙيل ڏئي رهيا آهن، اهي ڌاڙو هڻڻ ئي سيکاريندا ٻيو ڇا ڪندا

وفاقي وزير چيو ته 2هزار ارب کان وڌيڪ ٽيڪس ڪيسز عدالتن ۾ آهن فيصلا نٿا ٿين، جيڪي ماڻهو ٽيڪس تي ڌاڙو هڻن ٿا اهي پارليامينٽ ۾ ويٺا آهن، وڏا وڏا اسمگلرز ملڪ جي واپاري تنظيمن جي بورڊز ۾ ويٺا آهن، ريئل اسٽيٽ ۾ 500 ارب رپيا ٽيڪس نٿو ڏنو وڃي

هن چيو ته تمباڪو  ۾ 240 ارب، فارماسيوٽيڪل ۾ 65 ارب، آٽو موبائل ۽ ٽائلز ۾ 50 ارب، چانهه جي امپورٽ ۾ 45 ارب، اسٽيل سيڪٽر ۾ 30 ارب جي چوري آهي

Leave A Comment