اسلام آباد (بيورو رپورٽ) خواجه آصف پاران پي ٽي آءِ عورت ميمبرن لاءِ گند، کنڊر ۽ باقيات جا لفظ استعمال
گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس ۾ پي ٽي آءِ عورت ميمبرن جو احتجاج ڪيو، خواجه آصف خطاب دوران چيو ته پي ٽي آءِ جي باقيات رهجي وئي آهي، جيڪا چيف آف آرمي اسٽاف کي پيءُ سڏيندي هئي
خواجه آصف عمران مٿان تنقيد ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي باقيات پارليامينٽ ۾ اڃا به موجود آهي، ايوان ۾ پي ٽي آءِ جو ڪچرو اڃا رهجي ويو آهي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پيءُ وارو لفظ هذف ڪري ڇڏيو
خواجه آصف جي بيان تي پي ٽي آءِ ميمبرن جو احتجاج ۽ گوڙ ڪيو، ، اسپيڪر پي ٽي آءِ جي عورتن کي خاموش ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو ، پي ٽي آءِ جي زرقا چيو ته اسان سڀني جي عزت ڪريون ٿا
خواجه آصف جيڪي لفظ استعمال ڪيا آهن، اهڙا لفظ ڪڏهن ڪٿي ناهن ٻڌا، ان تي افسوس ٿيو، گند، گاريون، ڀونڪڻ جهڙا لفظ استعمال ڪيا ويا، اسان ملڪ جي پارليامينٽ ۾ آهيون، سٺيون روايتون قائم ڪرڻ گهرجن
اهڙيون ڳالهيون نه ڪريو، اسان به ڳالهائي سگهون ٿا پر اسان جي اهڙي تربيت ناهي، اسان اوهان کي معاف ڪريون ٿا پنهنجو ڪردار بهتر بڻايو