خودڪش حملو ڪندڙ جهنم جا ڪتا آهن انهن کان دڄون نٿا: نگران وزيراعظم

آگسٽ 23, 2023

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته خودڪش حملو ڪندڙ جهنم جا ڪتا آهن، دهشتگردن جي حملن کان ڊڄڻ وارا ناهيون

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته دهشتگردي ۽ انتهاپسندي آڏو هٿيار ڦٽا ڪرڻ بدران مقابلو ڪنداسين، دهشتگرديءَ خلاف ويڙهه ڪنهن خيرات تي نه پر پنهنجي عوام جي پئسن سان وڙهي رهيا آهيون

نگران وزيراعظم چيو ته دهشتگردن جي حملن سان خوف يا ٿڪاوٽ جو شڪار ناهيون، هي ملڪ اسان جو گهر آهي، گهر کي پنهنجي انداز سان هلائينداسين، دهشتگرد گمراهه هئا ۽ گمراهه آهن، سڌي رستي تي ايندا ته سندن قانوني مدد ڪئي ويندي، ٻي صورت ۾ قانون تحت سندن خلاف ڪارروائي ٿيندي

انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته بٽگرام ۾ چيئر لفٽ ۾ ڦاٿل ٻارن کي مقامي ماڻهن، ضلعي انتظاميا ۽ فوج گڏيل ڪوششن ذريعي بچايو، ان بحث ۾ نه پونداسين ته ذميواري ڪنهن جي هئي

ڪراچي ۾ مشهور ڪاروباري شخصيتن کي خطاب ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته پرامن اقتدار منتقلي اسان جي پهرين ترجيح آهي، سڀني کي ڀروسو ڪرڻ گهرجي، اسان کي هڪٻئي کي ٻڌڻ جي ضرورت آهي، اسان توانائي، خوراڪ جي کوٽ، بيروزگاري ۽ مهانگائي جهڙن مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهيون، معاشي چيلنجز کي منهن ڏيڻ لاءِ واپارين جي تعاون جي ضرورت آهي، واپارين جا مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين

Leave A Comment