اسان جنھن سماج جو حصو ۽ ھڙ آھيون حقيقت ھي آھي ته اھو سماج اسان جي لاءِ ته ڪنھن نوابي کان گھٽ ناھي ھوندو پر ساڳيو گھڻن حوالن سان ٻين جي لاءِ ھڪ مصيبت به بڻيل ھوندو آھي. نوابي انھيءَ ڪري جو اسان جا مطلب ۽ مفاد پورا ٿيندا رھندا آھن. اسان جي خواھشن جو مان رکيو ويندو آھي ۽ اسان جون مرضيون خوب ھلنديون آھن. ٻين جي لاءِ مصيبت انھيءَ ڪري جو اسان جي مطلبن، مفادن، خواھشن ۽ مرضين جي تڪميل جي لاءِ ھنن کي ڪيترين ئي مصيبتن مان گذرڻو پوندو آھي. ٻين جي قربانين جي سبب ئي اسان ڪنھن مقام ۽ رتبي کي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيل ھوندا آھيون پر، بدلي ۾ اسان اھڙن ماڻھن کي نيچ ۽ گھٽ عقل سمجھي؛ اٿندي ويھندي ھنن جي توھين ڪرڻ پنھنجو شان سمجھندا آھيون. انساني سماج جون ڪيتريون ئي شڪليون ۽ صورتون آھن جن تي ڪافي ڪجھ لکيو ويو آھي ۽ ڪافي ڪجھ پڙھڻ جي لاءِ به ملي ٿو پر، انساني سماج جي تاڃي پيٽي سان اڻيل ھڪ پرزي طور جتي اسان ھن سماج جي بھتري لاءِ ڪم ڪريون ٿا اتي اسان جا ئي ڪجھ ڀڏا عمل ھن سماج جي تصور کي ڌنڌلو به بڻائين ٿا. ائين کڻي چئون ته اسان جا سٺا برا عمل ڪجھ ماڻھن خاص طور تي انھن ماڻھن لاءِ جيڪي اسان جي عزتن کي مٿاھون ڪرڻ جي لاءِ ئي ڪم ڪن ٿا ۽ اسان جي خوشين خاطر ئي جيئن مرن ٿا تن جي لاءِ ھڪ وڏو مسئلو بڻجي پون ٿا. ھاڻي ٿورو کولي بيان ڪريون ٿا: انساني سماج ۾ اهڙا ماڻهو هر دور ۾ موجود رهيا آهن، جيڪي پاڻ کي ئي هر حالت ۾، صحيح سمجهندا آهن ۽ ٻين کي سدائين غلط سمجهڻ ھنن جي مھا عادت بڻيل ھوندي آهي. اهڙي ذهنيت رکندڙ فرد پنھنجي ذھني تسڪين جو پورائو ته ڪندا رھن ٿا پر، ٿورو غور ڪيو وڃي ته، ائين ڪرڻ سان اھي پنهنجي شخصي تصور ۽ ذاتي زندگي کي ڏکيو به بڻائين ٿا. اھڙن فردن سان گڏ رھندڙ ۽ ڪم ڪندڙ ھر ماڻھو ڇرڪيل ته رھي سگھي ٿو، خوف ۾ مبتلا به ٿي سگھي ٿو پر، دل سان عزت ڪڏھن به ناھي ڪندو. اھڙا فرد گھرن، سماجن، ادارن ۽ اجتماعي نظامن لاءِ انيڪ قسم جا مسئلا پيدا ته ڪندا رھندا آهن پر، تحقيق ھي به ٻڌائي ٿي ته اھڙا فرد پنھنجي ماتحت عملي جي خلاف سازشون به گھڙيندا رھندا آھن ته جيئن عملي کي ھر وقت ھي احساس ڏرياريندو رھجي ته توھان اسان جي آڏو ڪجھ به ناھيو.
تجربو ھي ٻڌائي ٿو ته سازشون به انھيءَ ڪري سٽيون ۽ تيار ڪيون وينديون آھن ته جيئن عملي کي بليڪ ميل ڪري سگھجي يعني ڌمڪي ڏئي ناجائز فائدو کڻجي يا جند ڇڏائجي. مثال: ھڪ اداري جا مالڪ توھان کي پڳدار بڻائي توھان مان پورو فائدو کڻڻ بعد توھان جي خلاف عملي ۾، بدگمانيون پيدا ڪندا. توھان وٽ رکيل دفتري سامان جھڙوڪ حاضري جو يا پگھارن وارو رجسٽر کڻي لڪائي سگھن ٿا، ان جون تصويرون ڪڍي مختلف آئي ڊيز تان سوشل ميڊيا تي رکي سگھن ٿا ۽ الزام توھان تي لڳائي سگھن ٿا. ”سائين ڏسو توھان کي ته اسان چيو ھو ته عملي جا ڪجھ ماڻھو اداري کي بدنام ڪرڻ لاءِ سازشون پيا سٽين پر، توھان اسان جي ڳالھ تي ڌيان نه ڏنو. ھاڻي ڏسو؛ اسان جي ڪيڏي بدنامي ٿي رھي آھي. مھرباني ڪري اڄ کانپوءِ اداري جي سامان جو خيال رکندا، ٻي صورت ۾ اسان توھان جي خلاف تاديبي ڪارروائي ڪرڻ جو حق محفوظ رکون ٿا.“ نفسياتي طور تي اهڙا فرد خود پسندي جا مريض ۽ ذهني غربت جو شڪار ھوندا آھن. اهڙا ماڻهو پنهنجي خواھش، مرضي ۽ راءِ کي ئي حرفِ آخر سمجهندا آهن. نئين خيال، تنقيد يا اختلاف راءِ کي پنهنجي انا تي حملو تصور ڪندا آهن. تحقيق ھي به ٻڌائي ٿي ته: نفسياتي حوالي سان پاڻ کي ئي صحيح سمجهڻ وارو ماڻهو اندروني عدمِ تحفظ جو شڪار به هوندو آهي. انھيءَ ڪري ھو اڪثر توھان کي سدائين سڙيل، پريشان، ڪڏھن ڀلو ته ڪڏھن ڍِلو نظر ايندو آھي. هو پنھنجين ڪمزورين تي پردو رکڻ جي لاءِ ٻين کي ھيسائڻ دٻائڻ، نندڻ ۽ گهٽ سمجهڻ جو سهارو ته وٺندو ئي آهي پر اوچتو بغير ڪنھن سبب يا پڙھايل پٽي جي بنياد تي توھان سان تمام گھڻي بري طريقي سان پيش به ايندو آھي. اهڙي روش سبب خاندانن، ادارن ۽ سماجن اندر گفتگو، بحث ۽ گڏيل فيصلا ڪرڻ تقريبن تقريبن ناممڪن عمل بڻجي پوندو آھي جنهن سان ذهني دٻاءُ، تڪرار ۽ مايوسي وڌندي آھي. جنھن جو نتيجو ڪڏھن برو ۽ بدنامي وارو ته ڪڏھن انتھائي ڀيانڪ به نڪرندو آھي. عدم تحفظ ۽ ذھني غربت جو شڪار ماڻهو خاندانن، دوستن ۽ ڪميونٽي اندر انتشار پيدا ڪرڻ سان گڏ شڪ ڪرڻ کي به پنھنجو محبوب مشغلو ٺاھي ڇڏيندو آھي. اداران ۽ خاندانن ۾ اهڙي ماڻھوءَ جي موجودگي ٻين جي راين، خواهشن ۽ احساسن کي نظرانداز ڪري ٿي، جنهن سان رشتن ناتن ۽ لاڳاپن ۾ ڪاوڙ، ڪروڌ، خوف، مايوسي ۽ بيزارگي پيدا ٿيڻ ڪو سماجي رد عمل نه پر فطرتي ويچارگي بڻجي پوي ٿي. اهڙو شخص اختلافِ راءِ کي خوش دلي سان برداشت ڪرڻ جي بدلي پنهنجي بالادستي قائم ڪرڻ جا سانگ سٽيندو رھي ٿو.
اھڙي شخص جي موجودگي جي سبب سماج اندر رواداري، ادارن اندر برداشت ۽ گھرن اندر گڏيل فڪر ۽ فيصلا سازي جهڙا ھاڪاري سماجي عمل ۽ قدر ڪمزور ٿين ٿا. اداراجاتي حوالي سان، جڏهن اهڙا ماڻهو تعليم، انتظاميا يا پاليسي ساز ادارن ۾ اھم عهدن تي ويٺل ھوندا آهن ته مسئلا وڌيڪ سنگين ٿي ويندا آهن. هو صلاح مشوري بدران حڪم هلائيندا آهن، ماهرن جي راءِ کي رد ڪندا آهن ۽ پنهنجي ھٺ تي فيصلا ڪندا آهن. نتيجي ۾ ادارا مرضين جي فيصلن، غير منصفاڻي ماحول جي ور چڙھي ناڪام ٿي وڃن ٿا ۽ عملو بي دليو ٿي ڪري، ڪم ڪندو رھي ٿو. اهڙي ماحول ۾ قابليت بدران خوشامد گھر ڪري وڃي ٿي ۽ سچ جي بدلي چاپلوسي کي هٿي ملي ٿي. نتيجي طور، پاڻ کي ئي صحيح سمجهندڙ ماڻهن جي ذهنيت: نفسياتي بيچيني، سماجي انتشار ۽ اداراجاتي تباھي جو وڏو ڪارڻ بڻجي ٿي. هڪ سٺي اداري ۽ صحتمند سماج لاءِ ضروري آهي ته برداشت، تنقيد کي قبول ڪرڻ، ۽ اجتماعي سوچ کي فروغ ڏنو وڃي ته جيئن فرد، سماج ۽ ادارا گڏجي ترقي طرف وڌي سگهن. پاڻ کي ئي هر حالت ۾ صحيح سمجهڻ واري ذهنيت خود فرد جي لاءِ به نقصانڪار آهي ته سماج لاءِ به انتهائي خطرناڪ لاڙو آھي. اهڙو ماڻهو ظاهري طور تي سگھارو، بااثر ۽ بااختيار نظر ته اچي سگهي ٿو، پر حقيقت ۾ هو داخلي عدمِ تحفظ، ذهني غربت ۽ نفسياتي بيچيني جو شڪار هوندو آهي. هو ٻين جي راءِ، احساسن ۽ خواهشن کي اهميت ڏيڻ بدران پنهنجي انا کي اوليت ڏئي ٿو، جيڪو آخرڪار تڪرار، نفرت، مايوسي ۽ انتشار کي جنم ڏئي ٿو. خاندانن ۾ اهڙي سوچ رشتن کي ڪمزور ڪري ٿي، ادارن ۾ ناانصافي، مايوسي ۽ خوشامدي وارو ماحول پيدا ڪري ٿي، جڏهن ته سماج ۾ رواداري، برداشت ۽ گڏيل فڪر جهڙا بنيادي قدر زوال پذير بڻجي وڃن ٿا. نتيجي طور فرد اڪيلو، ادارا ناڪام ۽ سماج بيچيني جو شڪار ٿي وڃي ٿو. هڪ صحتمند، متوازن ۽ ترقي پسند سماج لاءِ ضروري آهي ته هر فرد پاڻ کي بي عيب سمجهڻ بدران “پاڻ پڇاڻو” واري عمل کي اختيار ڪري، اختلافِ راءِ کي برداشت ڪرڻ سکي ۽ گڏيل سوچ ۽ باھمي اعتماد کي اهميت ڏئي. ڇوته صرف پاڻ کي صحيح سمجهڻ سان نه، پر ٻين کي سمجهڻ سان ئي ذاتي، گھرو، اداراجاتي ۽ سماجي سڌارو ممڪن آهي. پاڻ کي صحيح ۽ ٻين کي غلط ۽ گھٽ سمجھڻ واري فرد کي ھر طرح سان ممڪن طور تي خود پسندي کان محفوظ رھڻ گھرجي ڇاڪاڻ جو ھي ھڪ نفسياتي بيماري ۽ سماجي ناسور آھي.