| خوراڪ کاتي پاران واپارين کي ساڍا 5 ۽ فلور ملن کي پوڻا 8 لک ٽن ڪڻڪ ڏيڻ جو اعلان |
،ڪراچي(رپورٽ: الطاف چنا) سنڌ خوراڪ کاتي فلور ملن ۽ واپارين کي فيبروري 2026ع تائين 13 لک 30 هزار ٽن ڪڻڪ فراهم ڪرڻ جي حڪمت عملي تيار ڪري ورتي آهي. کاتي پاران فلور ملرز مالڪن جا اعتراض رد ڪندي 9 واپارين کي 5 لک 51 هزار ٽن ڪڻڪ وڪڻڻ واري پاليسي منظور ڪري ورتي آهي. واضح رهي ته فلور ملز مالڪن واپارين کي ڪڻڪ ڏيڻ تي اعتراض واريندي خوراڪ کاتي مٿان ڪرپشن جا الزام پڻ هنيا هئا، خوراڪ کاتي موجب هن وقت ملير جي گدامن ۾ 6 لک 13 هزار ٽن، حيدرآباد ڊويزن ۾ 2 لک 21 هزار ٽن، بينظير آباد ڊويزن ۾ 1 لک 9 هزار ٽن، سکر ڊويزن ۾ 1 لک 64 هزار ٽن، ميرپورخاص ڊويزن ۾ 50 هزار ٽن ۽ حيدرآباد ڊويزن جي ٻين گودامن ۾ 1 لک 70 هزار ٽن ڪڻڪ اسٽاڪ ٿيل آهي.خوراڪ کاتي موجب واپارين کي 5 لک 51 هزار ٽن ڪڻڪ ڏيڻ کانپوءِ به فوڊ گدامن ۾ 7 لک 78 هزار ٽن ڪڻڪ باقي رهجي ويندي، رڳو صرف سکر ڊويزن ۾ 8 هزار ٽن ڪڻڪ جي کوٽ جو امڪان آهي، جڏهن ته باقي سمورن ڊويزنن ۾ ڪڻڪ جو اسٽاڪ موجود رهندو. فوڊ کاتي جي عملدار ٻڌايو 7 لک 78 هزار ٽن ڪڻڪ فلور ملن ۽ اٽي جي چڪين کي وڪرو ڪئي ويندي. خوراڪ کاتي فلور مل مالڪن جي اعتراضن تي چيو ته سرڪار پاران ڪڻڪ جي في ٻوري جو اگهه گهٽائي 8 هزار رپيا ڪرڻ بعد فلور ملز مالڪ جاڳيا آهن، گذريل ٻن سالن کان کاتي وٽ ڪڻڪ موجود هئي، ان وقت فلور مل مالڪن ڪڻڪ خريد ڪرڻ لاءِ رابطو به نه ڪيو. خوراڪ کاتي جو چوڻ آهي ته ڪڻڪ جي شفاف ورڇ سان مارڪيٽ ۾ اٽي جي فراهمي برقرار رکي ويندي