خوراڪ کاتي پاران ڪڻڪ بحران جو خدشو: وزيراعليٰ پاران ذخيرا اندوزن خلاف ڇاپن جو حڪم

  خوراڪ کاتي پاران ڪڻڪ بحران جو خدشو: وزيراعليٰ پاران ذخيرا اندوزن خلاف ڇاپن جو حڪم

 ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي خوراڪ کاتي ڪڻڪ  بحران پيدا ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو، پاسڪو کان وڌيڪ ڪڻڪ خريد ڪرڻ جي تجويز : وڏي وزير سيد مراد شاهه پاران ڪڻڪ  ذخيرو ڪندڙن ۽ منافعي خورن خلاف ڪريڪ ڊائون تيز ڪرڻ جو حڪم، جڏهن ته خوراڪ کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته مارچ 2027 تائين 2.11 ملين ٽن امڪاني کوٽ جي پورائي لاءِ ڪڻڪ جي اضافي سپلاءِ کي محفوظ بڻايو وڃي، ڪالهه ٿيل اجلاس ۾ خوراڪ واري وزير مخدوم محبوب پاران  آگاهي ڏني وئي ته ڇاپن دوران 172,000 ٽن لڪايل ڪڻڪ هٿ آئي آهي، جنهن سان اٽي جون قيمتون گهٽائڻ ۾ مدد ملي آهي. هن چيو ته سيزن 26-2025 دوران 4.7 لک ٽن ڪڻڪ جي پيداوار لهڻ  ۽ 140,000 ٽن جي ڪيري فارورڊ ( پراڻي) ذخيري باوجود سنڌ کي مارچ 2027 تائين اٽڪل 2.11 ملين ٽن ڪڻڪ جي کوٽ جو منهن ڏسڻو پوندو، جنهن جو وڏو سبب واپرائڻ جي ضرورتن ۽ صوبي کان ٻاهر ڪڻڪ جي منتقلي آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ 22 لک 40 هزار ٽن ڪڻڪ جو ذخيرو آهي، جولاءِ 2026ع کان 15 مارچ 2027ع تائين 8 مهينن دوران 43 لک 50 هزار ٽن ڪڻڪ گهربل آهي، 21 لک 10 هزار ٽن ڪڻڪ جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو،جنهن تي وڏي وزير چيو ته ڪڻڪ جو ذخيرو برقرار رکڻ ۽ اٽي جي اگهن کي مستحڪم ڪرڻ ۾ ڪا به غفلت برداشت نه ڪئي ويندي. وڏي وزير هدايت ڪئي ته ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي تيز ڪري لڪايل ذخيرا هٿ ڪيا وڃن ،اجلاس کي ٻڌايو ويو پاسڪو 4,150 رپيا في 40 ڪلوگرام جي حساب سان 220,000 ٽن ڪڻڪ ڏيڻ جي آڇ ڪئي آهي  جيڪا سندس خيرپور, نوشهرو فيروز، شهيد بينظير آباد ۽ سانگهڙ ضلعن جي گدامن ۾ دستياب آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته پاسڪو جي آڇيل ڪڻڪ خريدڻ  باوجود کوٽ 1.89 ملين ٽن رهجي ويندي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪراچي ۾ اٽي جو اگهه 130،  حيدرآباد ۾ 125،  سکر ۾ 118 ۽ لاڙڪاڻي ۾ 118 رپيا هو. وڏي وزير مراد شاهه خوراڪ کاتي کي هدايت ڪئي ته ڪڻڪ جي کوٽ کي پورو ڪرڻ ۽ سڄو سال مناسب ذخيرا برقرار رکڻ لاءِ جامع پلان تيار ڪيو وڃي.