ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) خوراڪ کاتي پاران ڪڻڪ خريداري شروع ٿيندي ئي ڊي ايف سي جو بدليون، ان ڏس ۾ جيڪب آباد جي ڊي ايف سي دلشاد سومرو کي بدلي ڪري ڊي ايف سي شهيد بينظير آباد مقرر ڪيو ويو، سانگهڙ جي ڊي ايف سي نزاڪت هيسباڻي کان ڊي ايف سي شهيد بينظير آباد جي اضافي چارج واپس ورتي وئي. جڏهن ته ڊي ايف سي خيرپور قربان شاھ کي هٽائي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏئي شڪارپور جي ڊي ايف سي عرفان جوکيو کي ڊي ايف سي خيرپور مقرر ڪيو ويو آهي. پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل سرفراز ڪمانگر کي ڊي ايف سي ملير مقرر ڪيو ويو