خوراڪ کاتي کي پراڻي ڪڻڪ ڏچي ۾ وجهي ڇڏيو: 2000 رپيا اگهه گهٽائڻ سان 65 اربن جو نقصان  

خوراڪ کاتي کي پراڻي ڪڻڪ ڏچي ۾ وجهي ڇڏيو: 2000 رپيا اگهه گهٽائڻ سان 65 اربن جو نقصان  

ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) سنڌ حڪومتِ پاران قرض کڻي خريد ڪيل ڪڻڪ واري  معاملي ۾ انتظامي نااھلي ۽ ناقص پاليسين سبب ٻيڻي نقصان جو انڪشاف ٿيو آهي، ان حوالي سان خوراڪ کاتي پاران ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ ڪابينا کي ڏنل بريفنگ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته خوراڪ کاتي پاران ڪڻڪ جي خريداري لاءِ ورتل قرض پھرين اپريل 2026 تائين 176 ارب رپين تائين پهچي ويندو، جڏهن ته 31 ڊسمبر 2026 تائين بينڪن جو مارڪ اپ (وياج ) 19 ارب 35 ڪروڙ رپيا ٿيندو، خوراڪ کاتي پاران ڄاڻايو ويو ھو ته سنڌ حڪومتِ 2023ع ۾ ڪڻڪ جي في ٻوري( 100 ڪلو واري) 10 هزار رپين ۾ خريد ڪئي هئي، جيڪا   هاڻي فلور ملن کي 8 هزار رپين ۾ وڪرو ڪئي ويندي، ڪڻڪ جي  في ٻوري جو اگهه 2 هزار رپيا گهٽائڻ سان سنڌ حڪومتِ  کي 65 ارب رپين جو نقصان الڳ ٿيندو، واضح رهي ته سنڌ ڪابينا جي فيصلي موجب 9 لک 76 هزار ٽن ڪڻڪ فلور ملن ۽ اٽي چڪين کي وڪرو ڪئي ويندي،  مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جي موجودگي ۽ گهٽ قيمت سبب حڪومت ڪڻڪ جي قيمت گهٽائي آھي، مٿان وري  مارچ ۾ ڪڻڪ جو نئين فصل لهڻ بعد خوراڪ کاتي وٽ موجود ڪڻڪ گهٽ قيمت تي وڪرو ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو وسيلو نه هو،  نئين فصل کان اڳ ڪڻڪ جا موجوده ذخيرا وڪرو نه ٿيا ته پراڻي ڪڻڪ خراب ٿيڻ جو خدشو پڻ آھي، ڪڻڪ خراب ٿيڻ جي صورت ۾ سنڌ حڪومتِ کي وڌيڪ نقصان برداشت ڪرڻو پوندو۔