| خورشيد شاهه، عطا تارڙ، ايمل، مينگل، مقبول صديقي سميت 466 پارليامينٽيرينز اثاثن جا تفصيل جمع نه ڪرايا |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ڊسمبر تائين گوشوارا جمع نه ڪرائڻ وارن قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن جا تفصيل جاري، 26 سينيٽرن، 125 قومي اسيمبلي ميمبرن، 159 پنجاب اسيمبليءَ، 62 سنڌ اسيمبلي، 48 خيبرپختونخوا اسيمبلي ۽ 26 بلوچستان اسيمبليءَ جي ميمبرن مقرر تاريخ تائين گوشوارا جمع نه ڪرايا آهن. گوشوارا جمع نه ڪرائڻ وارن ميمبرن کي 15 جنوري تائين آخري مهلت ڏني وئي. ڄاڻايل مدت تائين گوشوارا جمع نه ڪرائيندڙن جي ميمبر شپ معطل ڪئي ويندي. اثاثن جا تفصيل ۽ گوشوارا جمع نه ڪرائيندڙ سينيٽرن ۾ رانا محمود الحسن، فوزيه ارشد، حامد خان، عابد شير علي، مصدق مسعود ملڪ، دوست علي جيسر، سيد ڪاظم علي شاهه، ضمير حسين گهمرو، ڄام سيف الله ڌاريجو، محمد طلحه محمود، مراد سعيد، نور الحق قادري، نياز احمد، لياقت علي ترڪئي، فيصل سليم رحمان،ذيشان خانزاده، روبينا خالد، دوست محمد خان، احمد خان، ايمل ولي خان، محمد عبدالقادر، عبدالواصي، منظور احمد، عبدالقدوس، ثمينه ممتاز، عبدالشڪور خان شامل آهن. قومي اسيمبلي جي ميمبرن ۾ طارق فضل چوڌري، شيخ آفتاب احمد، محمد الياس چوڌري، بلال فاروق تارڙ، سردار محمد لطيف خان کوسه، رانا ارادت شريف خان، سيد علي موسي گيلاني، سيد عبدالقادر گيلاني، محمد عبدالغفار وٽو، چوڌري طارق بشير چيما، نوابزاده افتخار احمد خان بابر، محمد معظم علي خان، سردار اويس احمد خان لغاري، مير عامر خان مگسي، نعمان اسلام شيخ، سيد خورشيد احمد شاهه، وفاقي وزير اطلاعات عطا تارڙ، امير مقام، نفيسه شاهه، سيد جاويد علي شاهه، سيد غلام مصطفي شاهه، پير امير علي شاهه جيلاني، مير غلام علي ٽالپر، سيد اياز علي شاهه شيرازي، ملڪ اسد سڪندر، سيد مصطفي ڪمال، خالد مقبول صديقي، مير خان محمد جمالي، محمد اختر مينگل، مولانا عبدالغفور حيدري، طاهره اورنگزيب، روبينا خورشيد عالم، ڪرن عمران، زينب محمود بلوچ، صبا صادق، تمڪين اڪبر نيازي، سائره تارڙ، هما اختر چغتائي، ماهجبين خان عباسي، گلناز شهزادي، شمائلا رانا، شازيه فريد، آمنه بتول، رابيڳه نعيم فاروقي، ارم حامد، مهرين رزاق ڀٽو، صوفيه شاهه، غزلا انجم، شاهين، سمار هارون بلور، سعيده جمشيد، ڪرن حيدر، اختر بيبي، درشان، نيلسن عظيم، رميش ڪمار اثاثن جا تفصيل ۽ گوشوارا جمع ناهن ڪرايا. سنڌ اسيمبليءَ جي عبدالرئوف کوسو، آغا شهباز علي دراني، سهيل انور سيال، عادل الطاف اُنڙ، نثار احمد کهڙو، نوابزاده برحان چانڊيو، سردار محمد بخش خان مهر، سيد اويس قادر شاهه، سيد قائم علي شاهه، شيراز شوڪت راڄپر، نعيم احمد کرل، ممتاز علي، بهادر خان ڏاهري، غلام دستگير، علي هسن، ڄام شبير علي خان، پارس ڊيرو، طارق علي، محمد تيمور ٽالپر، ڄام خان شورو، شرجيل انعام ميمڻ، محمد رشيد خان، رئيس حسين شاهه شيرازي، سڪندر علي شورو، ملڪ سڪندر خان، زبير احمد جوڻيجو، اعجاز خان، محمد سليم، محمد عثمان، سعيد غني، محمد يوسف، بلال حسين خان جدون، لياقت علي، نصير احمد، اعجاز الحق، عبدالوسيم، ريحان اڪرم، سيد عادل عسڪري، محمد افتخار عالم، طحه احمد خان، حافظ نعيم الرحمان خان، فرزانه حنيف، رخسانه پروين، ندا کهڙو، صائمه آغا، روما صباحت، مليحا منظور، شازيه عمر، ڪرن مسعود، فرح سهيل، بلقيس مختار، مسرت جبين، فوزيه ڪوثر، حمير سنگهه، مڪيش ڪمار چاولا، گيانو مل، کاٽو مل، ساڌو مل سريندار والسائي، مهيش ڪمار هاسيجا اثاثن جا تفصيل ۽ گوشوارا جمع ناهن ڪرايا. اهڙي ريت پنجاب جي 159 اسيمبلي ميمبرن، خيبرپختونخوا جي 48 ۽ بلوچستان اسيمبليءَ 26 ميمبرن پاران سال 25/2024 جي اثاثن جا تفصيل ۽ گوشوارا جمع ناهن ڪرايا.