سکر( بيورو رپورٽ) سکر جي سماجي اڳواڻ شائستا کوسو خورشيد شاهه جي پٽ مٿان زمين تي قبضي ۽ والد تي حملي جو الزا م هڻي ڇڏيو، ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو
سماجي اڳواڻ شائسته کوسو چيو آهي ته زيرڪ شاهه مڪاني ادارن جي نمائندي جو قسم کڻڻ کانپوءِ انتقامي ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون آهن
هن چيو ته اسان جي زمين تي زيرڪ شاهه طرفان قبضو ڪري والد مٿان قاتلاڻو حملو ڪرايو آهي جنهن جي نتيجي ۾ هو زخمي ٿي پيو آهي
شائستا کوسو چيو ته اسان سائيٽ ٿاڻي تي حملي جو ڪيس داخل ڪرائڻ آيا آهيون پر پوليس فرياد وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي جنهن سبب احتجاج ڪرڻ تي مجبور آهيون
سماجي اڳواڻ چيو ته جيڪڏهن ڪيس داخل ڪري انصاف نه ڏياريو ويو ته احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا
ٻئي پاسي خورشيد شاهه جي پٽ زيرڪ شآهه الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته شائست کوسو ڪوڙ ڳالهائي رهي آهي مون نه ڪنهن تي حملو ڪرايو آهي ۽ نه وري ڪنهن جي زمين تي والار ڪئي آهي